Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 36:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن سڀني عملدارن يهودي ولد نتنياہ ولد سلمياہ ولد ڪوشيءَ هٿان باروڪ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”چمڙي وارو اهو ويڙهوٽو جنهن مان تو ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو آهي سو پاڻ سان کڻي اچ.“ سو باروڪ اهو ويڙهوٽو پنهنجي هٿ ۾ کڻي هنن وٽ آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 تنهن ڪري سڀني اميرن، يهودي بن نتنياہ، بن سلمياہ، بن ڪوشيءَ کي باروڪ ڏي چوائي موڪليو تہ اها جيڪا ويڙهي تو ماڻهن کي پڙهي ٻڌائي آهي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي اچ. تڏهن باروڪ بن نيرياہ اُها ويڙهي پنهنجي هٿ ۾ کڻي هنن وٽ آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 36:14
12 Iomraidhean Croise  

جڏهن يهوداہ وارن جي لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سندن جنگي جوانن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جِدلياہ کي گورنر مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي وٽس آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، يوحنان ولد قريح، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ يازنياہ ولد معڪاتي. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.


”تون چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو کڻ ۽ ان تي اهي سڀ ڳالهيون لک، جيڪي مون تو سان يوسياہ جي بادشاهيءَ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ۽ ٻين سڀني قومن متعلق ڪيون آهن.


تڏهن بادشاهہ يهودي نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي موڪليو تہ وڃي چمڙي جو اهو ويڙهوٽو کڻي اچي. يهودي وڃي شاهي محرر اليسمع جي ڪوٺيءَ مان اهو کڻي آيو ۽ بادشاهہ ۽ ان جي ڀر ۾ بيٺل عملدارن کي اهو پڙهي ٻڌايائين.


سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو.


تڏهن اهي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، قريح جا پٽ يوحنان ۽ يونتن، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ معڪاتيءَ جو پٽ يازنياہ. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.


پوءِ يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جا سالار انهن ماڻهن کي ساڻ ڪري هليا، جن کي گورنر جِدلياہ جي قتل ڪرڻ کان پوءِ اسماعيل مصفاہ مان قيد ڪري وٺي ٿي ويو، يعني اهي جنگي جوڌا، عورتون، ٻار ۽ درٻاري عملدار.


هي خداوند جو اهو فرمان آهي، جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ صفنياہ ولد ڪُوشي ولد جِدلياہ ولد امرياہ ولد حزقياہ تي نازل ٿيو.


”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي‌ضرر ٿجو.


ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني جسم ۽ روح کي ماري دوزخ ۾ وجھي سگھي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan