Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 34:8 - Muslim Sindhi Bible

8 بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان گڏجي عهد ڪندي اعلان ڪيو هو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان عهد اقرار ڪري هنن کي آزادي ڏيڻ جو اشتهار ڪيو، تنهن کان پوءِ جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، سو هي آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 34:8
18 Iomraidhean Croise  

پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ يوآس ۽ سندس قوم جو خداوند سان عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهندا. هن بادشاهہ ۽ سندس قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايو.


پوءِ يهويدع ڪاهن جي هدايت موجب هن پاڻ، بادشاهہ يوآس ۽ سندس سڄي قوم هڪڙو عهد اقرار ڪيو تہ اهي سڀيئي خداوند جي هڪ قوم ٿي رهندا.


هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ اسين خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد ڪريون تہ من سندس قهر اسان تان ٽري وڃي.


انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو لکت ۾ اقرار ٿا ڪريون، جنهن تي اسان جا اڳواڻ، اسان جا لاوي ۽ اسان جا ڪاهن تصديق ڪري مهر ٿا هڻن.


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي.


اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ پنجاهين سال کي مخصوص ڪري ليکجو ۽ ملڪ جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪرائجو. اهو اوهان جي لاءِ بحاليءَ جو سال ٿيندو. انهيءَ سال هر ڪو پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو اچي مالڪ ٿيندو ۽ هر وڪاميل شخص موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.


”جيڪڏهن اوهان جو ڪو هم‌قوم عبراني مرد يا عورت اوهان وٽ وڪامي ۽ اها ڇهن سالن تائين اوهان جي خدمت ڪري، تہ پوءِ ستين سال اوهين انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan