6 تڏهن مون يرمياہ اهي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي اچي ٻڌايون.
6 جڏهن يرمياہ نبي هي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي ٻڌايون،
انهيءَ کي وڃي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’تو ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت بہ ڦري اٿيئي. سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جنهن جاءِ تي نابوت جو رت ڪتن چٽيو آهي، انهيءَ ساڳي جاءِ تي تنهنجو رت بہ ڪتا چٽيندا.‘“
تنهن تي ميڪاياہ چيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو ئي آءٌ چوندس.“
تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“
پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.
سو تون منهنجيون چيل ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ، پوءِ هو اهي ٻڌن يا نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي تہ آهن ئي باغي.
انهيءَ جو سبب اهو هو جو يحيٰ هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي پنهنجي ڀاڄائي هيرودياس سان شادي ڪريو.“
ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.
تڏهن سموئيل هن کي سڀ ڪجھہ ٻڌايو ۽ کانئس ڪجھہ بہ نہ لڪايائين. تنهن تي عيليءَ چيو تہ ”هو خداوند آهي ۽ جيڪي هن جي نظر ۾ چڱو لڳي سو هو ڀلي ڪري.“