Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 34:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تون بہ هن جي هٿان بچي نہ سگھندين، بلڪ يقيناً پڪڙيو ويندين ۽ ان جي حوالي ڪيو ويندين. تو کي بابل جي بادشاهہ آڏو آندو ويندو ۽ هو تو سان ڳالهائيندو. پوءِ تو کي بابل ڏانهن نيو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ تون انهي جي هٿان ڀڄي نہ ويندين، پر ضرور گرفتار ٿيندين، ۽ انهي جي هٿ ۾ ڏنو ويندين؛ ۽ تنهنجون اکيون بابل جي بادشاهہ جون اکيون ڏسنديون، ۽ هو تو سان روبرو ڳالهائيندو ۽ تون بابل ڏي ويندين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 34:3
18 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اهو سامان بابل ڏانهن کڄي ويندو ۽ ان ڏينهن تائين اتي رهندو جيستائين آءٌ پاڻ اهو موٽائي آڻڻ جو فيصلو نہ ڪريان. تڏهن آءٌ اهو اتان موٽائي آڻي يروشلم ۾ سندس جاءِ تي رکائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو هن تي قبضو ڪري وٺندو.


بادشاهہ صدقياہ مون کي هي چئي قيد ڪرايو هو تہ ”تون منهنجي خلاف خداوند جي نالي جو پيغام ڇو ٿو ٻڌائيندو وتين؟“ انهيءَ سبب جو مون خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ”آءٌ هي يروشلم شهر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو ان تي قبضو ڪري وٺندو.


بادشاهہ صدقياہ بابلين جي هٿان بچي نہ سگھندو، پر يقيناً بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو. صدقياہ کي پڪڙي سندس آڏو آندو ويندو، جتي هو ساڻس ڳالهائيندو.


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي.


تنهن هوندي بہ، اي يهوداہ جا بادشاهہ صدقياہ! تون منهنجي هن ڳالهہ تي ڌيان ڏي تہ آءٌ خداوند تو سان اهو واعدو ٿو ڪريان تہ تون تلوار سان نہ ماريو ويندين،


پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ”خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“


پر جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ نہ مڃيندين، تہ پوءِ جڏهن بابلي هن شهر تي قبضو ڪري وٺندا تڏهن انهيءَ کي ساڙي ڇڏيندا ۽ تون بہ انهن جي هٿان بچي نہ سگھندين.‘“


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


خداوند هن تي پنهنجو ڄار اڇلائي انهيءَ ۾ کيس ڦاسائيندو. پوءِ هو کيس بابل شهر ڏانهن وٺي ويندو. جيتوڻيڪ هو اتي ئي مري ويندو تہ بہ هو انهيءَ شهر کي ڏسي نہ سگھندو.


پر يهوداہ جي بادشاهہ ساڻس بغاوت ڪئي ۽ پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ هو کيس گھوڙا ۽ وڏو لشڪر ڏياري موڪلي. ڇا اهو بادشاهہ ڪامياب ٿيندو؟ ڇا هو اهڙا ڪم ڪري بابل جي بادشاهہ کان بچي ويندو؟ ڇا هو عهد اقرار ٽوڙي سزا کان بچي سگھندو؟


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ يقيناً جنهن بادشاهہ انهيءَ کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ۽ جنهن جي قسم کي هن حقير ڄاتو ۽ سندس عهد اقرار کي هن ٽوڙيو، تنهن جي ملڪ بابل ۾ ئي هو مرندو.


اي بڇڙا ۽ پليت اسرائيل جا بادشاهہ! تنهنجو ڏينهن، هائو، تنهنجي آخري سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan