Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 34:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 34:17
26 Iomraidhean Croise  

سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.


جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي، سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي، سي جنگ ۾ وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي، سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن، ۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي، سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘


يهوداہ جي بادشاهہ منسي ولد حزقياہ جي يروشلم ۾ نهايت ڪڌن ڪمن ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين اهي سزائون ڏيندس، جن کي ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي.“


تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ هنن منجھہ جنگ، ڏڪار ۽ وبا موڪليندس ۽ کين اهڙن ڳريل سڙيل انجيرن جهڙو ڪندس، جيڪي کائڻ جي لائق نہ هوندا آهن.


آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.


ڏس، ڪيئن نہ يروشلم تي قبضي ڪرڻ لاءِ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٺاهيا ويا آهن. جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل شهر بابلين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس حملو ڪري آيا آهن. جيئن تو چيو هو تيئن ٿيڻ وارو آهي، تون پاڻ ئي ڏسي سگھين ٿو.


جيتوڻيڪ شهر بابلين جي حوالي ڪيو وڃڻو هو، تہ بہ اي خداوند خدا! تو مون کي چيو تہ ’پئسا ڏيئي هيءَ ٻني خريد ڪر ۽ ان سودي جا شاهد رک.‘“


يروشلم شهر بابت چيو وڃي ٿو تہ ”جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل اهو شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندو.“ تنهن هوندي بہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا وڌيڪ فرمائي ٿو تہ


بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان گڏجي عهد ڪندي اعلان ڪيو هو تہ


مون خداوند جو هي فرمان پئي ٻڌايو تہ ”جيڪو بہ هن شهر يروشلم ۾ ترسندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو، پر جيڪو هتان نڪري بابلين ڏانهن هليو ويندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي.“


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


پوءِ بادشاهہ جي حڪم تي انهن ماڻهن کي آندو ويو، جن دانيال تي تهمت هنئي هئي. انهن کي سندن زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت کڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. پوءِ انهيءَ کان اڳ جو اهي ڏر جي تري تائين پهچن، شينهَن مٿن حملو ڪري کين چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ سندن هڏگڏ ڀڃي ڇڏيائون.


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. سو اهڙي سوچ رکي پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، انسان جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو.


تہ پوءِ اوهين بہ ساڻس اها ئي حالت ڪجو، جيڪا هن پنهنجي قوم واري سان ڪرڻ ٿي گھري. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي.


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan