Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 34:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان يعني غلاميءَ واري جاءِ مان ٻاهر ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو. مون کين چيو هو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي آندو، انهي ڏينهن مون انهن سان عهد اقرار ڪري چيو، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 34:13
24 Iomraidhean Croise  

ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جو پٽ اوهان کان پڇي تہ ’هن رسم جو ڪهڙو مطلب آهي؟‘ تڏهن اوهين هن کي ٻڌائجو تہ ’خداوند اسان کي مصر ملڪ مان، جتي اسين غلام هئاسين، پنهنجي طاقتور هٿ سان ڪڍي ٻاهر آندو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


تڏهن موسيٰ ماڻهن وٽ اچي کين خداوند جون سموريون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ٻڌايا. سڀني ماڻهن هم‌آواز ٿي جواب ڏنو تہ ”جيڪي بہ ڳالهيون خداوند فرمايون آهن، سي سڀ اسين مڃينداسين.“


هائو، انهن ڳالهين تي جن جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڏنو هو، جڏهن آءٌ کين لوهہ جي بٺيءَ مان يعني مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. مون کين چيو هو تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ منهنجي هر حڪم جي تعميل ڪن، تہ پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ کين بار بار تنبيهہ ڪندو رهيس تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن.


اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.


تڏهن ئي خداوند جو فرمان مون يرمياہ تي نازل ٿيو تہ


انهيءَ سبب جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن ساڙڻ وارين قربانين يا جانورن جي قربانين بابت مون انهن کي ڪوبہ حڪم ڪونہ ڏنو هو.


اوهين انهيءَ کي سنگسار ڪجو تہ جيئن هو مري وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان جتي اوهين غلام هئا، ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان هن اوهان کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


ياد ڪريو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڇڏايو. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي هي حڪم ٿو ڏيان.


اهو ياد رکجو تہ اوهين پاڻ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا، تنهنڪري هنن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو.“


ياد ڪريو، تہ اوهين پاڻ مصر ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي اتان ڇڏايو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.


هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي خداوند موآب جي ميدان ۾ بني اسرائيل سان عهد ٻڌڻ لاءِ موسيٰ کي فرمايون. هي عهد انهيءَ عهد جو وڌيڪ حصو آهي، جيڪو هن سينا جبل وٽ بني اسرائيل سان ٻڌو هو.


اي موسيٰ! توهان ئي ويجھو وڃونس ۽ جيڪي ڪجھہ خداوند اسان جو خدا چوي سو ٻڌو. پوءِ موٽي اچي اسان کي ٻڌايو تہ هن ڇا چيو. اسين اهو ٻڌي انهيءَ تي عمل ڪنداسين.‘


’آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو جتي اوهين غلام هئا.


تڏهن خبردار ٿجو، متان پنهنجي خداوند کي وساري ڇڏيو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


پر خداوند جيئن تہ اوهان سان پيار ٿي ڪيو ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو سو پورو ڪرڻ ٿي چاهيائين، تنهنڪري هن پنهنجي زورآور هٿ سان اُتان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، جتي اوهين غلام هئا. هن اوهان کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي چنبي مان ڇڏايو.


تڏهن اوهان جي دل ۾ مغروري اچي وڃي. پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري ويهو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


اهو خداوند اسان جو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي غلاميءَ جي گھر يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ اسان جي سامهون وڏا وڏا معجزا ڪيائين. هن سڄي سفر دوران ۽ جن قومن مان ٿي لنگھياسين تن منجھہ اسان جي حفاظت ڪئي.


تڏهن هن بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو. انهيءَ نبيءَ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون اوهان کي غلاميءَ واري ملڪ مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan