Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 34:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سو سڀ عملدار ۽ سڀيئي ماڻهو ان عهد ۾ شامل ٿيا تہ هو پنهنجا ٻانها ۽ ٻانهيون آزاد ڪندا ۽ اڳتي انهن کي غلاميءَ ۾ نہ رکندا. هنن اها ڳالهہ قبول ڪندي انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 34:10
12 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجي هم‌قوم عبرانيءَ کي غلام طور خريد ڪري ٿو تہ اهو ڇهن سالن تائين سندس خدمت ڪندو. ستين سال هو مفت ۾ آزاد ٿي ويندو.


پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بي‌معنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.


جڏهن بادشاهہ جي عملدارن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اهي شاهي محل کان خداوند جي گھر اچي پهتا ۽ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ منهنجي فيصلي ڪرڻ لاءِ ويهي رهيا.


تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن کي عملدارن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا نہ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.“


پر بعد ۾ هو ڦري ويا ۽ جن ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪيو هئائون تن کي موٽائي وري غلام بڻايائون.


تڏهن هو لهي شاهي محل ۾ شاهي محرر اليسمع جي ڪمري ۾ ويو، جتي شاهي محرر سان گڏ گھڻا عملدار گڏجاڻي ڪري رهيا هئا. انهن ۾ دلاياہ ولد سمعياہ، الناتن ولد عڪبور، جمرياہ ولد سافن، صدقياہ ولد حننياہ ۽ ٻيا عملدار شامل هئا.


تڏهن انهن عملدارن بادشاهہ کي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڳالهين سان انهن سپاهين کي بي‌همت ٿو ڪري جيڪي هن شهر ۾ باقي وڃي بچيا آهن، بلڪ سڄي قوم کي پڻ. هي ماڻهو هن قوم جي خيرخواهي نہ پر بدخواهي ٿو چاهي.“


اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ پنجاهين سال کي مخصوص ڪري ليکجو ۽ ملڪ جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪرائجو. اهو اوهان جي لاءِ بحاليءَ جو سال ٿيندو. انهيءَ سال هر ڪو پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو اچي مالڪ ٿيندو ۽ هر وڪاميل شخص موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.


ڇاڪاڻ تہ هيروديس يحيٰ کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يحيٰ هڪ سچار ۽ پاڪ ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يحيٰ جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan