يرمياہ 33:9 - Muslim Sindhi Bible9 تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“ Faic an caibideilSindhi Bible9 ۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون. Faic an caibideil |
”دنيا جون سڀ قومون يروشلم شهر آڏو اچي گڏ ٿينديون ۽ شهر سميت سڄي يهوداہ کي گھيري هيٺ آڻي ڇڏينديون. پر ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم کي انهن گڏ ٿيل سڀني قومن کي سزا ڏيڻ لاءِ مئي جي اهڙي پيالي مثل بڻائيندس، جنهن مان پيئڻ وارو ٿاٻڙجي ڪري ٿو. هائو، آءٌ يروشلم کي سڀني قومن لاءِ اهڙو ڳرو پٿر بڻائيندس جو جيڪو بہ ان کي کڻڻ جي ڪوشش ڪندو سو پاڻ کي ڦٽي وجھندو.