يرمياہ 33:16 - Muslim Sindhi Bible16 انهن ڏينهن ۾ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا ماڻهو محفوظ رهندا، ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا. تڏهن يروشلم شهر هن نالي سان سڏبو تہ ’خداوند اسان سان سچو آهي.‘ Faic an caibideilSindhi Bible16 انهن ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ يروشلم سلامتيءَ سان رهندو؛ ۽ جنهن نالي سان هوءَ سڏبي سو هي آهي: خداوند اسان جي راستبازي آهي. Faic an caibideil |
ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.