يرمياہ 33:12 - Muslim Sindhi Bible12 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هي ملڪ جيڪو ويران آهي ۽ منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونہ ٿو رهي، تنهن جي سڀني شهرن وٽ وري بہ ڌنارن کي ڌڻن جي چارڻ لاءِ چراگاهہ هوندا. Faic an caibideilSindhi Bible12 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جو ويران آهي ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو ۽ جانور ڪونهي، اُتي ۽ اُن جي سڀني شهرن ۾ وري بہ ڌنارن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندي، جي پنهنجن ڌڻن کي اُتي سمهاريندا. Faic an caibideil |
تڏهن سڄي يهوداہ وارا يعني يروشلم جي آسپاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، بنيامين جي علائقي، اولهہ طرف جي هيٺاهينءَ وارين زمينن وٽان ۽ جابلو علائقي ۽ ڏکڻ واري بيابان وارا ماڻهو پيا يروشلم ۾ ايندا. اهي پاڻ سان ساڙڻ واريون قربانيون، جانورن جون ٻيون قربانيون، اناج جون قربانيون، شڪرگذاريءَ جون قربانيون ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ مون خداوند جي گھر ۾ آڻيندا.