يرمياہ 32:43 - Muslim Sindhi Bible43 جيتوڻيڪ هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي، بلڪ اهو بابلين جي حوالي ڪيو ويو آهي،‘ تنهن هوندي بہ هن ملڪ ۾ هڪ دفعو وري ٻنين جي خريد وَ فروخت ڪئي ويندي. Faic an caibideilSindhi Bible43 ۽ هن زمين ۾ ٻنيون خريد ڪيون وينديون جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ اها ويران آهي، ۽ ڪسدين جي حوالي ڪئي وئي آهي، ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ انسان يا جانور ڪونهي.‘ جيتوڻيڪ يروشلم جون گھٽيون ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر ويران آهن ۽ منجھن نہ ڪو ماڻهو آهي ۽ نہ وري ڪو جانور، تنهن هوندي بہ انهن مان هڪ دفعو وري خوشي ۽ سرهائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هائو، اتي گھوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي منهنجي هيڪل ڏانهن شڪرگذاريءَ جا نذرانا هي ڳائيندي آڻيندا آهن تہ ’قادرِمطلق خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس شفقت لافاني آهي.‘ آءٌ هن ملڪ جي خوشحالي اڳي وانگر بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“