Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 32:4 - Muslim Sindhi Bible

4 بادشاهہ صدقياہ بابلين جي هٿان بچي نہ سگھندو، پر يقيناً بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو. صدقياہ کي پڪڙي سندس آڏو آندو ويندو، جتي هو ساڻس ڳالهائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ ڪسدين جي هٿان بچي نڪري نہ ويندو، پر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ هن سان روبرو ڳالهائيندو، ۽ هنن جون اکيون هڪٻئي کي ڏسنديون؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 32:4
13 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هاڻ اي ڌنارؤ! اوهان کي ڀڄڻ جو ڪو رستو ئي نہ ملندو، هائو، اي قوم جا اڳواڻؤ! اوهان کي بچڻ لاءِ ڪابہ پناهہ‌گاهہ نہ ملندي.


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي.


تون بہ هن جي هٿان بچي نہ سگھندين، بلڪ يقيناً پڪڙيو ويندين ۽ ان جي حوالي ڪيو ويندين. تو کي بابل جي بادشاهہ آڏو آندو ويندو ۽ هو تو سان ڳالهائيندو. پوءِ تو کي بابل ڏانهن نيو ويندو.


پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ”خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“


پر جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ نہ مڃيندين، تہ پوءِ جڏهن بابلي هن شهر تي قبضو ڪري وٺندا تڏهن انهيءَ کي ساڙي ڇڏيندا ۽ تون بہ انهن جي هٿان بچي نہ سگھندين.‘“


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan