Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 32:35 - Muslim Sindhi Bible

35 هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

35 ۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 32:35
33 Iomraidhean Croise  

اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


يروشلم جي اوڀر ۾ هڪ جبل تي سليمان موآب جي ڪراهتي بت ڪموس لاءِ ۽ بني عمون جي ڪراهتي بت مولڪ لاءِ جدا جدا پوڄا گھر جوڙايا.


جيڪي گناهہ يربعام پاڻ ڪيا آهن ۽ اسرائيل وارن کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل وارن کي ضرور سزا ڏيندو.“


هن پنهنجي پيءُ وانگر اهي ڪم ڪيا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ سندس جيان هن اسرائيل وارن کان بہ ساڳيا ڪم ڪرايا.


اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو جو يربعام پاڻ بہ گناهہ ڪري ۽ اسرائيل وارن کان بہ گناهہ ڪرائي خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو هو.


اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو جو هن خداوند جي نظر ۾ برا ڪم ڪري گناهہ ڪيو هو، انهيءَ ڪري بہ تہ هو يربعام جي رستي تي هليو هو ۽ اسرائيل وارن کان بہ گناهہ ڪرايا هئائين.


آءٌ تنهنجو گھراڻو يربعام ولد نباط ۽ بعشا ولد اخياہ جي گھراڻن جهڙو ڪري ڇڏيندس، ڇو تہ تو مون کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو آهي ۽ اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايو اٿيئي.‘


”يهوداہ جي بادشاهہ منسيءَ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن. اموري جيڪي کانئس اڳ ٿي گذريا، تن کان بہ وڌيڪ هن بڇڙا ڪم ڪيا آهن ۽ سڄي يهوداہ کي پنهنجي بتن ذريعي گمراهيءَ ۾ وجھي ڇڏيو اٿائين.


هن انهيءَ هيڪل ۾ بت‌پرستن جون قربان‌گاهون تعمير ڪرايون، جنهن جي باري ۾ خداوند فرمايو هو تہ ”يروشلم شهر ۾ آءٌ پنهنجو نالو قائم رکندس.“


يوسياہ بادشاهہ غير معبودن جي توفت نالي پوڄا گھر جيڪو هنوم جي ماٿريءَ ۾ هو، تنهن جي بہ بي‌حرمتي ڪرائي تہ جيئن اڳتي ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي مولڪ ديوتا اڳيان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش نہ ڪري سگھي.


تنهن کان سواءِ يوسياہ اسرائيل ملڪ ڏانهن وڃي اتان جي بيت‌ايل واري غير معبودن جي قربان‌گاهہ ۽ اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌوڪيندڙ يربعام ولد نباط جي جوڙايل ٽڪر واري پوڄا گھر کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو. هائو، هن اهو پوڄا گھر ساڙائي ۽ لتاڙائي خاڪ ڪرائي ڇڏيو ۽ يسيرہ وارا ٿنڀا پڻ ساڙائي ڇڏيائين.


تنهن هوندي بہ هو پاڻ کان اڳ واري بادشاهہ يربعام ولد نباط وانگر هو، جنهن اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. يورام بہ انهن گناهن کان باز نہ آيو.


هن پنهنجي پٽن کي هنوم ماٿريءَ ۾ باهہ ۾ قربان ڪيو. هو فالون وجھندو هو، جادو ۽ ٽوٽڪا ڪندو هو ۽ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واهپو رکيو هئائين. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.


تنهن هوندي بہ منسيءَ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي ايترو تہ گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪري ڇڏيو هو.


تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بي‌حرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.


موسيٰ هارون کي چيو تہ ”هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو هو جو تو هنن کي اهڙي وڏي گناهہ ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟“


اوهين شاهہ‌بلوط وڻن وٽ، بلڪ هر سائي وڻ هيٺ بتن جي پوڄا ڪندي زناڪاريءَ ۾ غرق ٿي ٿا وڃو، ۽ برساتي نهرن ۾ ٽڪرين جي پاڙن وٽ قربانيءَ طور پنهنجي ٻارن کي ڪهو ٿا.


پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


مون بار بار پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن پئي موڪليا جن اوهان کي ٻڌايو تہ ’اهو ڪراهت جهڙو ڪم نہ ڪريو جنهن کان خداوند کي نفرت آهي.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ وارن اُهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ برا آهن. هنن ڪراهت جهڙيون شيون يعني بت ٺاهي منهنجي نالي پٺيان سڏجندڙ هيڪل ۾ رکي ان کي پليت ڪيو آهي.


هنوم ماٿريءَ ۾ توفت نالي جڳهہ تي هنن پوڄا جون جايون ٺاهيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ اتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي قرباني پيش ڪن. پر مون کين اهڙو ڪوبہ حڪم نہ ڏنو هو ۽ نہ ئي وري منهنجي ڌيان ۾ ڪا اهڙي ڳالهہ هئي.


هنن زناڪاري ۽ خونريزي ڪئي آهي. زناڪاري اها جو هنن پنهنجي بتن جي پوڄا ڪئي آهي ۽ خونريزي اها تہ هنن مون مان ڄڻيل ٻارن کي پنهنجي بتن آڏو قربان ڪيو، تہ جيئن نذراني طور کاڌا وڃن.


اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


پر اوهان مولڪ ديوتا جو خيمو، ۽ رفان ديوتا جي ستاري جي مورتي پاڻ سان کنيو پئي وتيا، جيڪي اوهان پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا. هاڻي آءٌ اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘


خبردار! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو، جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي معبودن لاءِ هر اهو ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن کان خدا کي نفرت آهي. ايتري قدر جو انهن پنهنجي معبودن جي نالي تي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ساڙيو آهي.


اوهان منجھہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هجي جيڪو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي قربانيءَ طور ساڙي، يا جيڪو غيب جون ڳالهيون ڪري، قسمت جو حال ٻڌائي، فال وجھي، جادوگري ڪري،


تہ پوءِ سندس پهريون مڙس جنهن ڪڍي ڇڏيو هئس، سو هن جي بي‌آبرو ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ بڻائي، ڇو تہ اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ نفرت جهڙو آهي. سو اوهين انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي اهڙو گناهہ ٿيڻ نہ ڏجو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan