Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 32:34 - Muslim Sindhi Bible

34 هيڪل، جيڪا منهنجي نالي سان ٿي سڏجي، تنهن ۾ هنن پنهنجا ڪراهت جهڙا بت کوڙي ان کي پليت ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

34 ۽ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون انهي گهر ۾ رکيون، جو منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، انهي لاءِ تہ انهي کي پليت ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 32:34
15 Iomraidhean Croise  

جڏهن منسي بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ٻارهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل پنجونجاهہ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو حفصي‌باہ هو.


هن خداوند جي گھر مان يسيرہ ديويءَ جي مورتي ڪڍائي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏي. هن ان کي پيهائي اٽو ڪري عام قبرستان ۾ ڇڙڪائي ڇڏيو.


هن خداوند جي گھر مان ڌارين معبودن جا بت ۽ اها تراشيل مورتي کڻائي ڇڏي، جيڪا پاڻ اتي رکي هئائين. هن اهي سڀ غير معبودن جون قربان‌گاهون جيڪي صيئون جبل تي بلڪ سڄي يروشلم ۾ ٺهرايون هئائين، سي سڀ ڪڍي شهر جي ٻاهران اڇلرائي ڇڏيون.


تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بي‌حرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.


انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن ٻيئي مڪار آهن. آءٌ پنهنجي هيڪل ۾ بہ هنن جي بڇڙائي ڏسان ٿو.


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


تازو ئي اوهان توبهہ‌تائب ٿيا ۽ اهو ڪي ڪيوَ جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو هو. هائو، اوهان مان هر ڪنهن پنهنجي هم‌قوم کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر اوهان منهنجي نالي سان سڏجڻ واري گھر ۾ منهنجي اڳيان اهڙو عهد بہ ڪيو.


مون بار بار پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن پئي موڪليا جن اوهان کي ٻڌايو تہ ’اهو ڪراهت جهڙو ڪم نہ ڪريو جنهن کان خداوند کي نفرت آهي.‘


توڙي جو اوهين اهڙا ڪم ڪريو ٿا جن کان مون کي سخت نفرت آهي، تڏهن بہ منهنجي نالي تي سڏجڻ واري هن هيڪل ۾ اچي منهنجي اڳيان بيهي اوهين چئو ٿا تہ ’اسين محفوظ آهيون،‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ وارن اُهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ برا آهن. هنن ڪراهت جهڙيون شيون يعني بت ٺاهي منهنجي نالي پٺيان سڏجندڙ هيڪل ۾ رکي ان کي پليت ڪيو آهي.


هنوم ماٿريءَ ۾ توفت نالي جڳهہ تي هنن پوڄا جون جايون ٺاهيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ اتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي قرباني پيش ڪن. پر مون کين اهڙو ڪوبہ حڪم نہ ڏنو هو ۽ نہ ئي وري منهنجي ڌيان ۾ ڪا اهڙي ڳالهہ هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan