Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 32:33 - Muslim Sindhi Bible

33 هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

33 ۽ هنن منهن ڦيرائي مون ڏي پٺ ڪئي آهي: ۽ جيتوڻيڪ صبح جو سوير اُٿي مون هنن کي تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ڌيان ڪونہ ڏنو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 32:33
17 Iomraidhean Croise  

جڏهن تہ هن انسان کي جانورن کان وڌيڪ سمجھہ ڏني آهي، ۽ پکين کان وڌيڪ عقل عطا ڪيو اٿس.


سو جڏهن دشمن مٿن حملو ڪندا تہ آءٌ کين ائين پکيڙي ڇڏيندس، جيئن تيز هوا مٽيءَ کي پکيڙي ڇڏيندي آهي. سندن انهيءَ مصيبت جي ڏينهن آءٌ هنن کان منهن ڦيري ڇڏيندس.“


اوهين ڪاٺ کي چئو ٿا تہ ’تون اسان جو پيءُ آهين،‘ ۽ پٿر کي چئو ٿا تہ ’تو اسان کي ڄڻيو آهي.‘ اوهان مون ڏانهن منهن نہ پر پٺي ڪئي آهي، پر جڏهن اوهين مصيبت ۾ پئو ٿا تڏهن مون کي چئو ٿا تہ ’اچ، اچي اسان کي بچاءِ.‘


اوهان منهنجي ٻانهن يعني نبين جون ڳالهيون بہ نہ مڃيون آهن جن کي بار بار مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل واٽ تي نہ هلندا،


مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.


مون بار بار پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن پئي موڪليا جن اوهان کي ٻڌايو تہ ’اهو ڪراهت جهڙو ڪم نہ ڪريو جنهن کان خداوند کي نفرت آهي.‘


جڏهن اوهان هي سڀ بڇڙا ڪم ڪيا پئي تڏهن مون اوهان سان بار بار پئي ڳالهايو، پر اوهان منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي. مون اوهان کي سڏيو، پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو.


پر هنن منهنجي اها ڳالهہ نہ ٻڌي ۽ نہ ڪو ڌيان ئي ڏنائون، اُٽلندو هو پنهنجي بڇڙي دل جي هوڏ تي هليا. اهڙيءَ طرح اهي سڌرڻ بجاءِ وڌيڪ بڇڙا ٿي ويا.


تنهنڪري تون کين چئُہ تہ ’اوهين اهڙي قوم آهيو جنهن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي ۽ نہ وري سڌرڻ قبوليو اٿوَ. وفاداري اوهان مان ايتري قدر تہ ختم ٿي ويئي آهي جو اوهان جي وات مان انهيءَ بابت ڪا ڳالهہ ئي نہ ٿي نڪري.‘“


جيئن تہ مون خداوند خدا کي تو بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بلڪ پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تو کي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“


پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. ڇا ڏسان تہ اتي خداوند جي هيڪل جي دروازي وٽ، ورانڊي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا آهن، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏانهن هيون ۽ سندن منهن اوڀر طرف هئا. اهڙيءَ طرح هنن اڀرندڙ سج جي پوڄا ٿي ڪئي.


جيتري قدر مون هنن کي پاڻ ڏانهن سڏيو، اوتري قدر هو مون کان پري ٿيندا ويا. هو بعل ديوتائن جي پوڄا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا، ۽ اُڪريل مورتين لاءِ لوبان ساڙيندا رهيا.


اهو ئي پيغام هو جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. هنن هٺ ڪري مون کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهہ وجھي ڇڏيائون.


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan