Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 32:29 - Muslim Sindhi Bible

29 بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 ۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 32:29
26 Iomraidhean Croise  

هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


بابلين خدا جو گھر ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. هنن سڀني محلن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ اتي جون سڀ قيمتي شيون ناس ڪري ڇڏيائون.


سو ماڻهو اوڏانهن ويا ۽ اهي سڀ ٽاريون آندائون، جن مان پنهنجن گھرن جي ڇتين تي، پنهنجن اڱڻن ۾، خدا جي گھر جي اڱڻن ۾ ۽ پاڻيءَ واري دروازي واري کُليل ميدان ۽ افرائيم واري دروازي واري کُليل ميدان وٽ پنهنجي لاءِ تنبو ٺاهيائون.


هي پيغام رويا واري واديءَ بابت آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ اوهين سڀ پنهنجي گھرن جي ڇتين تي ڇو خوشيون پيا ملهايو؟


سو مون قادرِمطلق خداوند، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“


پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“


مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ هن شهر کي فائدي جي بدران نقصان رسايان. هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


بادشاهہ صدقياہ مون کي هي چئي قيد ڪرايو هو تہ ”تون منهنجي خلاف خداوند جي نالي جو پيغام ڇو ٿو ٻڌائيندو وتين؟“ انهيءَ سبب جو مون خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ”آءٌ هي يروشلم شهر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو ان تي قبضو ڪري وٺندو.


بابلين عام ماڻهن جي گھرن سان گڏ بادشاهہ جي محل کي بہ باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيائون.


قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اوهان ۽ اوهان جي زالن جيڪي چيو هو سو ئي ڪري ڏيکاريو آهي تہ اوهين پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪندا، آسمان جي راڻيءَ لاءِ قربانيون پيش ڪندا ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيندا. سو ڀلي وڃي پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجا قول پورا ڪريو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيو.


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي نبوزرادان جيڪو شاهي محافظن جو سالار هو ۽ بابل جي بادشاهہ جو عملدار هو، سو يروشلم ۾ داخل ٿيو.


هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


تون نہ ٿو ڏسين ڇا تہ هو کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ پوري يهوداہ جي شهرن ۾ ڇا ٿا ڪندا وتن؟


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


خداوند پنهنجي قهر وچان، ايترو تہ سخت غضب نازل ڪيو، جو سڄي يروشلم شهر کي ان جي بنيادن تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيائين.


اهو لشڪر انهن کي سنگسار ڪندو ۽ پنهنجي تلوارن سان کين قتل ڪري ڇڏيندو. هو سندن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ڪهي ڇڏيندا ۽ سندن گھر ساڙي رک ڪري ڇڏيندا.


تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.


ٻئي ڏينهن تي جڏهن اهي رستي ۾ ئي هئا ۽ شهر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل منجھند جو ڪوٺي تي دعا گھرڻ لاءِ چڙهيو.


ڀلا اهي ڪير هئا جن خدا جو آواز ٻڌي کيس چڙ ڏياري؟ ڇا هو اهي سڀ نہ هئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا هئا؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan