27 ”آءٌ خداوند سڄي انسانذات جو خدا آهيان. ڇا منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي؟
27 ڏس، آءٌ خداوند، سڀني انسانن جو خدا آهيان: منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي ڇا؟
مون خداوند جي لاءِ ڪا ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ جيئن مون چيو تيئن آءٌ وري مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“
اليشع وڌيڪ چيو تہ ”ائين ڪرڻ خداوند جي لاءِ تمام آسان آهي، هو موآبين کي بہ اوهان جي هٿن ۾ ڏيندو.
اي دعائون قبول ڪرڻ وارا! سڄيءَ دنيا جا ماڻهو تو وٽ ايندا.
پر اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين. اسين رڳو مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين، جنهن اسان سڀني کي پنهنجي هٿن سان جوڙيو آهي.
”آہ! اي خداوند منهنجا خدا! تو پنهنجي وڏي قدرت ۽ زورآور هٿ سان زمين ۽ آسمان ٻيئي بڻايا آهن! تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي.
تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ
”مون کي پڪاريو تہ آءٌ اوهان کي جواب ڏيان ۽ وڏيون ۽ ڳجھيون ڳالهيون ٻڌايان، جن جي اوهان کي خبر ئي ناهي.
ٿي سگھي ٿو تہ اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن کي انهن ڏينهن ۾ عجيب لڳي، پر ڇا اها مون خداوند لاءِ عجيب هوندي؟
تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“
پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“
”اي خداوند خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هن قوم جي مٿان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪر،
عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“
تڏهن ئي سڄي انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“
تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي دائمي زندگي بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي.