Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 32:23 - Muslim Sindhi Bible

23 هنن اچي هن ملڪ تي قبضو تہ ڄمايو، پر تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪيائون ۽ نہ وري هو تنهنجي شريعت تي هليا. جيڪي حڪم تو کين ڏنا تن مان ڪوبہ حڪم هنن بجا نہ آندو. تنهنڪري تو هي آفتون هنن تي آنديون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 ۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 32:23
32 Iomraidhean Croise  

اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسين وڏا ڏوهاري رهيا آهيون. پنهنجن گناهن جي ڪري اسين، اسان جا بادشاهہ ۽ اسان جا ڪاهن ٻين ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾ ڏنا ويا آهيون تہ جيئن جنگ، جلاوطني ۽ ڦرلُٽ سبب اسين شرمندا ٿيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو کين آسمان مان ماني ڏني. هنن جي اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍيو. تو ئي کين انهيءَ ملڪ تي وڃي قبضو ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن جي ڏيڻ جو تو ساڻن واعدو ڪيو هو.


هنن بني اسرائيل سان خدا جي ٻڌل عهد کي قائم نہ رکيو، بلڪ سندس شريعت تي هلڻ کان انڪاري ٿيا.


مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين. پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو، يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.


سو تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن ۽ نہ ئي منهنجي ڏنل شريعت تي هليا آهيو.


اڄ ڏينهن تائين اوهين نہ پشيمان ٿيا آهيو، نڪي منهنجي تعظيم ڪئي اٿوَ، نہ وري منهنجي شريعت ۽ منهنجي حڪمن تي هليا آهيو، جيڪي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن اڳيان رکيا هئا.


پر اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي ۽ ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. اوهان هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي.“


تنهن هوندي بہ خداوند عادل آهي. مون ئي سندس حڪمن جي نافرماني ڪئي هئي، جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي. هاڻي اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو ۽ منهنجي مصيبتن تي غور ڪريو. منهنجيون ڪنواريون ڇوڪريون توڙي جوان مرد قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويا آهن.


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ سندن نوجوان نسل کي خبردار ڪري چيو تہ ’اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قاعدن قانونن تي نہ هلو، نڪي سندن ريتن رسمن تي عمل ڪريو ۽ نہ وري انهن جي بتن جي پوڄا ڪري پاڻ کي پليت ڪريو.


پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.


پر هو مون کان ڦري ويا ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪيائون. هنن مان ڪنهن بہ انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي نہ اڇلايو، جن کي هنن چاهيو ٿي، نہ وري هنن مصر جي بتن جي پوڄا ئي ڇڏي. تڏهن مون ارادو ڪيو تہ مصر ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان.


ساڳيءَ طرح اوهان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آهي، جڏهن اهي پورا ڪريو تڏهن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آهيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض هو، سو ئي اسان ڪيو.‘“


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


ڇاڪاڻ تہ جيڪو شريعت جي رڳو هڪڙي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري، سو سڄي شريعت جي خلاف‌ورزي ڪري گنهگار قرار ڏنو وڃي ٿو.


سو خداوند بني اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو جنهن جي ڏيڻ جو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين. اُهو هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو انهيءَ ۾ رهڻ لڳا.


جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد جي ڀڃڪڙي ڪندا، جنهن تي قائم رهڻ جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي ۽ وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا، تہ پوءِ خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي ۽ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ مان جلد ناس ٿي ويندا جيڪو هن اوهان کي ڏنو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan