Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 32:20 - Muslim Sindhi Bible

20 تو مصر ۾ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڏيکاريا، بلڪ اڄ ڏينهن تائين تو بني اسرائيل ۾ توڙي سڄي انسانذات ۾ معجزا ۽ هيبتناڪ ڪم جاري رکيا آهن. تو نالو ڪمايو آهي جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 جنهن مصر جي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين، اسرائيل منجهہ توڙي ٻين ماڻهن منجهہ نشانيون ۽ عجيب غريب ڳالهيون مقرر ڪيون؛ ۽ پنهنجي لاءِ نالو ڪڍيو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 32:20
21 Iomraidhean Croise  

دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.


دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪابہ قوم ناهي، هڪ اهڙي قوم جنهن کي تو خداوند پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو. تو اهو انهيءَ لاءِ بہ ڪيو، تہ جيئن تون پنهنجي قوم جي اڳيان غير قومن کي هڪالي ڪڍين ۽ عظيم ۽ هيبتناڪ ڪمن وسيلي پنهنجو نالو ظاهر ڪرين.


تو فرعون، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن خلاف معجزا ۽ عجب جهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا، ڇاڪاڻ تہ تو کي خبر هئي تہ مصري انهن سان مغروريءَ سان پيش ايندا هئا. تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيڪو اڄوڪي ڏينهن تائين مشهور آهي.


تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.


اي مصر! تو منجھہ فرعون ۽ ان جي سڀني عملدارن تي هن ڪيڏا نہ وڏا معجزا ۽ عجيب ڪم ظاهر ڪيا.


هن ڪري بہ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌائي سگھين تہ مون مصر ۾ ڪهڙا نہ ڪم ڪيا ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪهڙا معجزا ڏيکاريا اٿم، انهيءَ لاءِ تہ اوهان سڀني کي خبر پوي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيريندس ۽ انهن عجيب ڪمن سان، جيڪي آءٌ ڪندس مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.


آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس. جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجا معجزا ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس،


پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.


هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند، جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي، ۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟


خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو، جهڙو سرسبز ماٿريءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي.“


جيئن پوتڙو ماڻهوءَ جي چيلهہ سان ٻڌل هوندو آهي، تيئن مون بہ اسرائيل ۽ يهوداہ وارن کي پاڻ سان ٻڌو هو تہ جيئن هو منهنجي ئي قوم رهندي منهنجي نالو جي واکاڻ ڪن ۽ منهنجي عظمت ظاهر ڪن. پر هنن ان پاسي ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو.“


اهڙيءَ طرح نہ رڳو دارا جي بادشاهت دوران، بلڪ خورس فارسيءَ جي بادشاهت دوران پڻ ڪاميابي دانيال جا قدم چمندي رهي.


هاڻي اي پروردگار، اسان جا خدا! تو اسان پنهنجي قوم کي زورآور هٿ سان مصر ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ پنهنجو نالو قائم ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. پر اسان گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليا آهيون.


هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رهيو.


سندس اهي معجزا ۽ هيبتناڪ ڪم بہ ياد رکو، جيڪي هن مصر ۾، اتي جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيا.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


خداوند اسان جي اکين اڳيان مصرين، فرعون ۽ سندس سڄي حويليءَ جي خلاف وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڪري ڏيکاريا.


اهي وڏيون وڏيون آزمائشون اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون. خداوند اوهان جي خدا هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي اوهان کي پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ٻاهر ڪڍي آيو. خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني قومن سان بہ ائين ئي ڪندو جن کان اوهين ڊڄو ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan