Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 32:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 تون هزارن کي رحم ڏيکارين ٿو، ۽ ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ سندن اولاد کان وٺين ٿو: تنهنجو نالو وڏو قادر خدا، لشڪرن جو خداوند آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 32:18
33 Iomraidhean Croise  

پر ڏس، انهن دشمنن تي هنن جا تيرڪمان غالب ايندا، ڇوجو مون يعقوب جي قادر هٿان کين طاقت عطا ٿيندي. هائو، کين انهيءَ ريڍار کان قوت ملندي، جيڪو بني اسرائيل جو محافظ آهي.


’مون ڪالهہ نابوت ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو. سو آءٌ بہ واعدو ٿو ڪريان تہ تو کان بہ هن ساڳي ئي هنڌ تي بدلو وٺندس.‘“ ييهوءَ پنهنجي ساٿيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻي هن جو لاش کڻي انهيءَ زمين ۾ اڇلائي ڇڏ تہ جيئن جيڪي خداوند فرمايو هو سو پورو ٿئي.“


”اي خداوند خدا! عظيم ۽ هيبت وارا خدا! تون انهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو ڪرين، جيڪي تو سان محبت ٿا ڪن ۽ تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.


خداوند، قادرِمطلق خدا، سڄيءَ دنيا وارن کي سڏايو آهي. هائو، هن اوڀر کان اولهہ تائين سڄيءَ دنيا کي گھرايو آهي.


گجندڙ سمنڊ تي تنهنجو ئي حڪم هلي ٿو، جڏهن ان جون ڇوليون مٿي چڙهن ٿيون، تڏهن تون ئي انهن کي ماٺو ڪرين ٿو.


خداوند موسيٰ جي اڳيان هيئن چوندي لنگھيو تہ ”آءٌ خداوند آهيان، هائو، اهو خداوند، جيڪو رحمان ۽ رحيم خدا آهي، لافاني شفقت ۽ وفا سان ڀرپور ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ بلڪل ڍرو.


آءٌ هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪرڻ وارو آهيان. بيشڪ آءٌ بڇڙائيءَ، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهيان، پر ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. آءٌ ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندس.“


هائو، بني يعقوب مان اهڙا باقي بچيل ماڻهو هوندا، جيڪي قادر خدا تي ئي توڪل رکندا.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


بيشڪ اي خداوند! تنهنجو ثاني ڪوبہ ڪونهي، تون عظيم آهين، ۽ تنهنجو نالو وڏيءَ قدرت وارو آهي.


پر اي خداوند! تون هڪڙي زورآور بهادر جيان مون سان گڏ آهين. تنهنڪري منهنجا ستائيندڙ ٿاٻڙجي پوندا، ۽ مون تي غالب نہ ايندا. هو ناڪام ٿيندا ۽ تمام گھڻو خوار خراب ٿيندا. هنن جي خواري هميشہ تائين رهندي ۽ ڪڏهن بہ نہ وساري ويندي.


اهو جنهن سج کي ڏينهن جي روشنيءَ لاءِ ۽ چنڊ ۽ تارن کي رات جي روشنيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، اهو، جيڪو سمنڊ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري، جنهن سان ان جون ڇوليون گجگوڙ ڪن ٿيون، تنهن جو ئي نالو قادرِمطلق خداوند آهي،


خداوند جيڪو ڌرتيءَ جو خلقيندڙ، ان کي پنهنجي هٿن سان بڻائيندڙ ۽ ان جو قائم ڪندڙ آهي ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو فرمائي ٿو تہ


پر ياد رکو، انهن جو ڇڏائيندڙ تمام زورآور آهي، ۽ اهو آءٌ قادرِمطلق خداوند آهيان. آءٌ انهن جو پوريءَ طرح بچاءُ ڪندس. آءٌ انهن کي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتي بخشيندس، پر اوهان بابل وارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏيندس.


اي خداوند، منهنجا خدا! اي منهنجا پاڪ خدا! ڇا تون ازل کان ناهين؟ ڇا تون ابد تائين نہ رهندين؟ اي خداوند! تو انهن بابلين کي مقرر ڪيو آهي تہ اهي اسان تي فتويٰ جاري ڪن. اي اسان جا محافظ! تو کين مقرر ڪيو آهي تہ هو اسان کي سزا ڏين.


’آءٌ خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ لافاني شفقت سان ڀرپور آهيان. آءٌ بڇڙائي ۽ بغاوت جو معاف ڪندڙ آهيان، تنهن هوندي بہ ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا آءٌ انهن جي اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان.‘


سڀني ماڻهن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ هن جي خون جي ذميواري اسان تي ۽ اسان جي اولاد تي هجي.“


ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“


خداوند اوهان جو خدا، اهو ئي معبودن جو خدا ۽ خداوندن جو خداوند آهي، جيڪو عظيم، قادر ۽ هيبتناڪ خدا آهي. هو طرفداري نہ ٿو ڪري، نڪي رشوت ٿو وٺي.


سو اوهين انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا جيڪو اوهان جي وچ ۾ آهي سو عظيم ۽ هيبتناڪ خدا آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan