يرمياہ 32:1 - Muslim Sindhi Bible1 يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي ڏهين سال جيڪو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو ارڙهون سال هو، خداوند جو فرمان مون يرمياہ تي نازل ٿيو. Faic an caibideilSindhi Bible1 اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي ڏهين ورهيہ، جو نبوڪدرضر جو ارڙهون ورهيہ هو، خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو. Faic an caibideil |
بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر دنيا جي انهن بادشاهتن جي لشڪرن سميت، جيڪي سندس ئي راڄ هيون، يروشلم ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن سان جنگ ڪري رهيو هو. ان وقت خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”آءٌ هي شهر يروشلم بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو ان کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.