يرمياہ 31:7 - Muslim Sindhi Bible7 خداوند فرمائي ٿو تہ ”يعقوب جي نسل لاءِ خوشيءَ جا گيت ڳايو، قومن جي هن سردار قوم لاءِ نعرا هڻو. هائو، نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڪندي چئو تہ ’اي خداوند! تون ئي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي باقي بچي ويلن کي ڇڏائڻ وارو آهين.‘ Faic an caibideilSindhi Bible7 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي لاءِ خوشيءَ سان ڳايو، ۽ قومن جي سردار لاءِ نعرا هڻو: اوهين پڌرائي ڪريو، اوهين تعريف ڪريو ۽ چئو تہ اي خداوند، پنهنجي قوم اسرائيل جي باقي بچيلن کي بچاءِ. Faic an caibideil |
تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“