Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 31:21 - Muslim Sindhi Bible

21 سو اي پيارا اسرائيل وارؤ! پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪريو، رستي جي سڃاڻپ لاءِ اوهين ٿنڀا لڳايو. شاهي رستي ڏانهن ڌيان ڏيو، يعني اهو رستو جنهن تان اوهان کي هلي اچڻو آهي. هاڻي اوهين پنهنجن شهرن ڏانهن موٽي اچو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪر، پنهنجي لاءِ سونهپ جا ڪاٺ جوڙيو: شاهي رستي سان دل لڳاءِ، يعني اهو رستو جنهن تان تون وئين: اي اسرائيل جي ڪنواري موٽي اچ، تون پنهنجن هنن شهرن ڏي موٽي اچ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 31:21
23 Iomraidhean Croise  

انهيءَ کان علاوہ مون پنهنجي ذاتي خزاني مان پنهنجي خدا جي گھر سان چاهہ سبب سون ۽ چاندي پڻ مهيا ڪري ڏني آهي.


سو بني اسرائيل جي هر هڪ قبيلي مان جيڪي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جا دلي طور طالبو هئا سي بہ لاوين جي پٺيان لڳي يروشلم ۾ آيا تہ جيئن هو خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا اڳيان قربانيون پيش ڪن.


اهو ٻڌي يهوسفط ڊڄي ويو ۽ خداوند کي ٻاڏائي ڪري رهنمائي گھرڻ لڳو. پوءِ هن سڄي يهوداہ ملڪ ۾ روزي رکڻ جو اعلان ڪرايو.


اوهين ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ نہ وري ڦرمار تي مغرور ٿيو. جيڪڏهن اوهان جي دولت وڌي بہ وڃي، تہ انهيءَ تي دارومدار نہ رکو.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي پنهنجي طاقت لاءِ تو تي ٿا ڀاڙين، ۽ جن جي دل ۾ صيئون جبل جا شاهي رستا آهن.


جڏهن مون اهو سڀ ڏٺو تہ وڏي ويچار ۾ پئجي ويس، ۽ انهيءَ ڳالهہ مان مون سبق حاصل ڪيو تہ


اي بني اسرائيل وارؤ! هاڻي اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. هائو، بابلين وٽان نڪري آزاد ٿيو. اوهين خوشيءَ سان ڳائيندي هن ڳالهہ کي پڌرو ڪندا وڃو، هائو، اوهين دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هن ڳالهہ کي مشهور ڪري ڇڏيو تہ ”خداوند پنهنجي ٻانهن بني اسرائيل وارن کي بلڪل ائين ڇڏائي وٺي آيو آهي،


خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڌو ڪريو، سڌو ڪريو، رستو ٺاهي تيار ڪريو، هائو، منهنجي قوم جي رستي مان هر رڪاوٽ دور ڪري ڇڏيو، تان‌تہ اها توبهہ‌تائب ٿي مون ڏانهن موٽي اچي.


لنگھي وڃو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين شهر جي دروازن مان ٻاهر نڪري وڃو، ۽ وطن موٽندڙ پنهنجي قوم وارن لاءِ سڙڪ اڏيو. هائو، انهن لاءِ شاهي رستو تيار ڪريو، ۽ انهيءَ تان پٿر هٽائي صاف ڪري ڇڏيو. اوهين رستي تي نشان کڙا ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ٻيون قومون بہ رستو لهي سگھن.


سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بي‌وفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس.


اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.


آءٌ اوهان کي وري بحال ڪندس ۽ اوهين خوشحال ٿيندا. تڏهن اوهان اڳي وانگر پنهنجا دڦ کڻي خوشيءَ وچان نچندا ٽپندا.


اي مصر وارؤ! اوهين هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهيو، جيڪا ڀلي پنهنجي لاءِ دوا وٺڻ واسطي جِلعاد ڏانهن پيئي ڊوڙي. هائو، هوءَ طرح طرح جون دوائون ڪم ٿي آڻي، جيڪي بلڪل بي‌فائدي آهن، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ شفا تہ آهي ئي ڪونہ.


هو صيئون جو رستو پڇا ڪندا ۽ اوڏانهن پنهنجو رخ رکندا. هو اتي اچي مون خداوند سان هڪ دائمي عهد ڪندا، جنهن کي هو ڪڏهن بہ نہ وساريندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي يروشلم جي برباديءَ وقت موت کان بچي پري پري نڪري ويا هئا، سي بابل مان نڪري وڃو، دير نہ ڪريو. اوهين مون خداوند کي ياد رکو ۽ يروشلم کي نہ وساريو.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين بابل منجھان نڪري ڀڄي وڃو، ۽ پنهنجيون جانيون بچايو. اوهين بابلين جي گناهن جي سزا ۾ شريڪ ٿي پاڻ کي برباد نہ ڪريو. وقت اچي ويو آهي جو آءٌ خداوند کانئن بدلو وٺان، جنهن جي هو لائق آهن.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘


انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“


سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي حال تي غور ڪريو.


جيتوڻيڪ مون کين غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، تہ بہ هو ڏورانهن ملڪن ۾ مون کي ياد ڪندا. هو پنهنجي اولاد سميت زندہ رهندا ۽ وطن موٽي ايندا.


تڏهن کين چيائين تہ ”جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڏني آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل سان لائجو. انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan