Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 31:12 - Muslim Sindhi Bible

12 سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 31:12
35 Iomraidhean Croise  

پر تو وٽ گناهن جي مغفرت آهي، تان‌تہ ماڻهو تنهنجي تعظيم ڪن.


بيشڪ اوهين ان شاهہ‌بلوط وڻ وانگر ٿيندا، جنهن جا پن ڇڻي ويا هجن، اوهين انهيءَ باغ جيان ٿيندا، جيڪو پاڻي نہ ملڻ ڪري ويران ٿي ويو هجي.


هائو، جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي خوشيءَ جا گيت ڳائيندي موٽي يروشلم ۾ داخل ٿيندا. اهي هميشہ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا رهندا. ڏک ۽ غم انهن جي ويجھو بہ ڪونہ ايندو.


هاڻي بہ جن کي تون ڇڏائيندين، سي خوشيءَ وچان ڳائيندا وڄائيندا، ۽ نعرا هڻندا يروشلم ۾ موٽي ايندا. اهي هميشہ هميشہ لاءِ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا پيا ملهائيندا. غم ۽ رنج سندن ويجھو بہ نہ ايندو.


شهر جي پهريدارن جو تمام جوشيلو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هائو، اهي خوشيون ملهائيندي گڏجي ڳائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي خداوند کي يروشلم ڏانهن موٽندي پنهنجي اکين سان ڏسن ٿا.


آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس، ۽ رڻ‌پٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس. آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس، جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي. اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.


هاڻ تنهنجي مصيبتن جا ڏينهن ختم ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جو جلوو تنهنجي اهڙي ابدي روشني بڻبو، جيڪا سج ۽ چنڊ جي گم ٿيندڙ روشنيءَ جي ڀيٽ ۾ هميشہ قائم وَ دائم رهندي.


آءٌ پاڻ بہ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي قوم جي ڪري شادمان ٿيندس. هن کان پوءِ انهيءَ ۾ روئڻ ۽ فرياد ڪرڻ جو آواز وري ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.


تڏهن سڀ ماڻهو هاري توڙي ڌنار پنهنجن ڌڻن سميت يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا.


آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس.


آءٌ اوهان کي وري بحال ڪندس ۽ اوهين خوشحال ٿيندا. تڏهن اوهان اڳي وانگر پنهنجا دڦ کڻي خوشيءَ وچان نچندا ٽپندا.


هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن نگهباني ڪندڙ افرائيم جي ٽڪرين تان پڪاري چوندا تہ ’اچو تہ صيئون ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن هلون.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يعقوب جي نسل لاءِ خوشيءَ جا گيت ڳايو، قومن جي هن سردار قوم لاءِ نعرا هڻو. هائو، نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڪندي چئو تہ ’اي خداوند! تون ئي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي باقي بچي ويلن کي ڇڏائڻ وارو آهين.‘


انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ ’اڳتي هلي هن ملڪ ۾ گھرن، ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي وري خريد وَ فروخت ڪئي ويندي.‘“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هي ملڪ جيڪو ويران آهي ۽ منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونہ ٿو رهي، تنهن جي سڀني شهرن وٽ وري بہ ڌنارن کي ڌڻن جي چارڻ لاءِ چراگاهہ هوندا.


هائو، جابلو علائقي جي شهرن، اولهہ وارين هيٺاهين زمينن، ڏکڻ وارن شهرن ۽ بنيامين جي علائقي ۾ توڙي يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن وٽ ڌنار پنهنجا ڍور پيا ڳڻيندا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


جيڪو بني اسرائيل جي ملڪ جو مٿاهون ۽ بلند جبل آهي. اها ٽاري شاخون ڪڍندي ۽ ڦر جھليندي ۽ ديال جو هڪ عاليشان وڻ ٿي پوندي. انهيءَ ۾ هر قسم جا پکي اچي رهندا ۽ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن هر ڪو بني اسرائيل سندس ملڪ ۾ يروشلم شهر جي مٿاهين جاءِ يعني منهنجي پاڪ جبل تي مون خداوند خدا جي بندگي ڪندو. اتي آءٌ اوهان سان راضي هوندس ۽ اوهان منهنجي قائدن قانونن موجب مون لاءِ مخصوص قربانيون ۽ بهترين نذرانا پيش ڪندا جيڪي آءٌ قبول ڪندس.


هائو، آءٌ انهن کي سٺن چراگاهن ۾ چاريندس. انهن جو واڙو سندن ملڪ جي مٿاهن جبلن تي هوندو، جتي اهي سرسبز چراگاهن ۾ سائي گاهہ تي آرام سان پيون چرنديون.


هائو، غير قومن آڏو اوهان کي کاڌو نہ هئڻ واري شرمندگي ڏسڻي نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا وڻ ميوي سان ڀريل هوندا ۽ اوهان جون ٻنيون جھجھا فصل اُپائينديون.


پوءِ اهو وقت ايندو جڏهن اسرائيل وارا خداوند جو خوف ڪندي وري سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي گھراڻي جا طالبو ٿي رهندا، تڏهن مٿن خداوند جو فضل ٿيندو.


انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.


جيئن تہ اوهان اڃا هاڻي اناج جا ٻج ڀانڊن مان ڪڍي پوکيا آهن، ۽ جيتوڻيڪ انگورن جي ول ۽ انجير، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻن اڃا ڦر ئي نہ جھليو آهي، تڏهن بہ دلجاءِ ڪريو تہ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪندو رهندس.“


اڳتي امن وَ سلامتيءَ سان پوک ڪئي ويندي، انگورن جون وليون پنهنجو ڦر جھلينديون، زمينن ۾ فصل ٿيندا ۽ آسمان مان برسات پوندي. آءٌ اوهان باقي بچيلن کي اهي سڀ شيون ورثي طور عطا ڪندس.


اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


ائين ٿو لڳي جو تون خدا جي ڀلائيءَ، بردباريءَ ۽ صبر واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan