Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 30:8 - Muslim Sindhi Bible

8 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سندن ڳچين مان غلاميءَ جي پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس ۽ سندن قيد جا رسا ٽوڙي ڇڏيندس. پوءِ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي کين پنهنجو غلام بڻائي نہ سگھندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ هن جي پاڃاري تنهنجي ڳچيءَ تان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تنهنجا بند ڦوڙيندس؛ ۽ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري نہ وٺندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 30:8
16 Iomraidhean Croise  

هو کين اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي مان ڪڍي آيو، ۽ سندن قيد جي بندن کي ڀڃي ڇڏيائين.


جڏهن اهو وقت ايندو تہ آءٌ اشور جو بار اوهان جي ڪلهن تان لاهي ڦٽو ڪندس. هائو، اوهان جي ڳچيءَ مان سندن ظلم جي پاڃاري ڀڃي ٽڪرا ڪري ڇڏيندس.“ دشمن لشڪر وارن رمون جي ٽڪر وٽان ٿيندي


پر خداوند بني اسرائيل تي رحم فرمائيندو ۽ هڪ دفعو وري کين پنهنجي چونڊيل قوم بڻائيندو. هو کين وري سندن وطن ۾ موٽائي آڻي آباد ڪندو. ڌاريا بہ اچي ساڻن گڏبا ۽ بني اسرائيل جو حصو ٿي رهندا.


آءٌ پنهنجي ملڪ يهوداہ ۾ اشورين کي شڪست ڏيندس. هائو، آءٌ پنهنجي جبلن تي کين پيرن هيٺ لتاڙيندس. تڏهن منهنجي قوم جي ڳچين مان اشورين جي غلاميءَ جي پاڃاري نڪرندي. هائو، تڏهن سندن ڪلهن تان بار لهي ويندو،


اهڙيءَ طرح خداوند بني اسرائيل کي ڏکن ۽ تڪليفن کان ۽ انهيءَ سخت پورهئي کان آرام بخشيندو، جيڪو کانئن زور زبردستيءَ سان ڪرايو ويندو هو.


انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.


اهي پاڻ گھڻين ئي قومن ۽ وڏن بادشاهن طرفان غلام بڻايا ويندا. آءٌ انهن کي سندن عملن ۽ هٿن جي ڪم موجب بدلو ڏيندس.‘“


خداوند مون کي حڪم فرمايو تہ ”اي يرمياہ! پنهنجي لاءِ ڪاٺيءَ جي هڪڙي پاڃاري ٺاهہ، جيڪا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي چمڙي جي پٽن سان ٻڌي ڇڏ.


سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.


تڏهن نبي سڏائيندڙ حننياہ منهنجي ڳچيءَ مان پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏي.


”وڃ، تون حننياہ کي وڃي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تو ڪاٺيءَ جي پاڃاري ڀڳي آهي، پر هاڻ ان جي عيوض آءٌ لوهہ جي پاڃاري جوڙيندس.


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪيل يهوداہ جي ٻين سڀني ماڻهن سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


جڏهن آءٌ تحفنحيس شهر ۾ مصر جي حڪمرانيءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس، تڏهن انهيءَ جو طاقت وارو فخر مٽجي ويندو، ۽ ان جا رهاڪو قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويندا. ان وقت تحفنحيس شهر تي ڏينهن اونداهو ٿي ويندو، بلڪ سڄي ملڪ تي اونداها ڪڪر ڇانئجي ويندا.


پوءِ وڻن ۾ ميوو ٿيندو ۽ ٻنين ۾ فصل ٿيندا. آءٌ بني اسرائيل کي غلاميءَ جي پاڃاريءَ مان آزاد ڪندس ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا، تن جي هٿان کين ڇڏائي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهائيندس. تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


هاڻ آءٌ هنن جي پاڃاري اوهان جي ڳچيءَ مان لاهي ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا بند ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan