Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 30:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ”ڊپ جو آواز ٻڌجي پيو، يعني دهشت جو، نہ امن وَ سلامتيءَ جو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان ڏڪڻي ۽ ڊپ جو آواز ٻڌو آهي، نہ خير سلامتي جو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 30:5
22 Iomraidhean Croise  

جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن اهي بني اسرائيل مٿان اهڙي گجگوڙ ڪندي اچي ڪڙڪندا، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ هوندي آهي. ملڪ ۾ هر طرف رڳو اونداهي ۽ مصيبت ڏسڻ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ تہ سندن قدمن سان اٿيل مٽيءَ جي ڪڪرن جي ڪري روشني بہ اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي.


اسين سڀ پريشانيءَ وچان رڇن وانگر روڙون ٿا ڪريون، ۽ ڳيرن وانگر اوساريون ٿا. اسين انصاف جي واٽ ڳوليون ٿا، پر اها نہ ٿي لڀي. اسين انتظار ۾ آهيون تہ اسان کي بچايو وڃي، پر اسان جو بچاءُ اسان کان دور آهي.


تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.


هاڻ چراگاهن جي تباهہ ٿيڻ تي ڌنارن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن، هائو، ملڪ جي تباهہ ٿيڻ تي قوم جي اڳواڻن جو روئڻ رڙڻ ٿو ٻڌجي. انهيءَ سبب جو سندن ملڪ جيڪو سلامتيءَ واري چراگاهہ مثل هو، سو خداوند جي خوفناڪ غضب سبب ويران ٿي ويو آهي.


خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن بابت هي فرمائي ٿو تہ


پر آءٌ هي ڇا ٿو ڏسان؟ مصر جي لشڪر وارا تہ خوف ۾ وٺجي ويا آهن، هو پٺ تي هٽي ويا آهن. هنن جا جوڌا جوان شڪست کائي ويا آهن. هو پٺ تي نهارڻ بنا ڀڳا ٿا وڃن. هر طرف ڏهڪاءُ ئي ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙي وڏي قوم کي اٿاريو پيو وڃي، يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو، ۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو، زاروزار روئو ۽ رڙو، جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“


ڇاڪاڻ تہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ دشمنن جا گھوڙا دان شهر ۾ پهچي ڦوڪارين پيا. هائو، هنن جي جنگي گھوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄي ملڪ کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. اهي دشمن ان لاءِ آيا آهن تہ اهو ملڪ ۽ جيڪي منجھس آهي ۽ شهر ۽ جيڪي منجھن رهن ٿا تن سڀني کي ڳهي وڃن.“


ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ ”ڇا خداوند صيئون مان هليو ويو آهي؟ ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“ خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ ”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي، جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“


انهيءَ سبب جو صيئون منجھان واءِ‌ويلا جو آواز ٿو اچي تہ ’اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون! اسين ڪيڏا نہ خوار خراب ٿيا آهيون! اسان کي هي ملڪ ڇڏي وڃڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گھر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا آهن.‘“


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ حاڪمن جو مذاق ٿا اڏائين. هو قلعي وارن سڀني شهرن تي کِلن ٿا، هو مٽيءَ جي دڙن وارا مورچا اڏي انهن قلعن کي قبضي هيٺ آڻين ٿا.


ڏسو، آءٌ بابلين کي کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪا هڪ چيڙاڪ ۽ بدمزاج قوم آهي، جيڪا سڄي دنيا کي ٻهاريندي ٿي وتي ۽ پراين وسندين تي قبضا ڪندي ٿي وتي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan