يرمياہ 30:20 - Muslim Sindhi Bible20 آءٌ انهن جو ٽڙيل پکڙيل اولاد پهريان وانگر گڏ ڪندس، ۽ اهي منهنجي حضور ۾ عبادت ڪندا رهندا. جيڪي انهن کي ستائيندا تن کي آءٌ سزا ڏيندس. Faic an caibideilSindhi Bible20 انهن جو اولاد بہ اڳئين وقت جهڙو ٿيندو، ۽ انهن جي جماعت منهنجي اڳيان قائم رهندي ۽ جيڪي اُنهن تي ظلم ڪندا تن کي آءٌ سزا ڏيندس. Faic an caibideil |
آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس، هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس. آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي. آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس، جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس.