Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 30:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ماڻهو شڪرگذاري ڪندا ۽ خوشيون ملهائيندا. آءٌ انهن جو تعداد وڌائيندس، سو هو گھٽبا ئي ڪين. آءٌ انهن کي عزت وارو ڪندس، سو هو ذليل نہ ڪيا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ انهن مان شڪرگذاري ۽ خوشي ڪندڙ جو آواز نڪرندو: ۽ آءٌ انهن کي وڌائيندس، ۽ اُهي ٿورا ڪونہ ٿيندا؛ آءٌ انهن کي عزت وارو بہ ڪندس ۽ هو ذليل نہ ٿيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 30:19
39 Iomraidhean Croise  

پوءِ هنن ست ڏينهن خوشيءَ وچان بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اشور جي شهنشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي کين خوشي عطا ڪئي هئي. انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي تعمير واري ڪم ۾ شهنشاهہ هنن جي مدد ڪئي.


پوءِ سڀيئي ماڻهو هليا ويا ۽ وڃي کائڻ پيئڻ لڳا ۽ ٻين ڏانهن بہ ڪجھہ موڪليائون. هنن وڏو جشن ملهايو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي شريعت جو ڪتاب جيڪو کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجھي ورتو هو.


جيڪي ماڻهو جلاوطنيءَ مان واپس آيا هئا، سي سڀيئي تنبو ٺاهي انهن ۾ رهڻ لڳا. يشوع ولد نون جي ڏينهن کان وٺي هيستائين بني اسرائيل اها عيد ڪانہ ملهائي هئي. سو هنن تمام گھڻي خوشي ڪئي.


شال بني اسرائيل جو بچاءُ صيئون منجھان ٿئي! جڏهن خدا پنهنجي قوم کي وري خوشحال ڪندو، تڏهن بني يعقوب سرها ٿيندا، هائو، بني اسرائيل خوشيون ملهائيندا.


انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


پر اي خداوند! تو پنهنجي قوم کي وڌايو آهي. هائو، تو اسان کي ۽ اسان جي ملڪ کي اڳي کان گھڻو وڌايو آهي، جنهن مان تنهنجي عظمت ظاهر ٿئي ٿي.


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.


هائو، جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي خوشيءَ جا گيت ڳائيندي موٽي يروشلم ۾ داخل ٿيندا. اهي هميشہ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا رهندا. ڏک ۽ غم انهن جي ويجھو بہ ڪونہ ايندو.


هاڻي بہ جن کي تون ڇڏائيندين، سي خوشيءَ وچان ڳائيندا وڄائيندا، ۽ نعرا هڻندا يروشلم ۾ موٽي ايندا. اهي هميشہ هميشہ لاءِ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا پيا ملهائيندا. غم ۽ رنج سندن ويجھو بہ نہ ايندو.


آءٌ خداوند يقيناً يروشلم تي رحم ڪندس. هائو، ان جي برباد ٿيل جاين ۾ رهڻ وارن سڀني تي آءٌ رحم ڪندس، بلڪ آءٌ انهيءَ جي آس‌پاس بيابان کي بہ باغِ عدن جهڙو، ۽ رڻ‌پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪندس. پوءِ اتي خوشي ۽ سرهائي هوندي، ۽ شڪرگذاريءَ ۽ واکاڻ جا گيت پيا گونجندا.


اي يروشلم جون کنڊر بڻجي ويل جايون! اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي دلداري ڏئي ٿو، تہ هو يروشلم کي بچائڻ وارو آهي.


ڏسو، جيڪي غير قومون اوهان کي ڪا اهميت نہ ڏينديون هيون، تن کي هاڻي اوهين سڏيندا تہ اهي مون خداوند اوهان جي خدا، يعني بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري اوهان وٽ ڊوڙنديون اينديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي عظمت ۽ شان عطا ڪندس.“


اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.


سو ننڍي ۾ ننڍو گھراڻو هڪ وڏو قبيلو بڻبو، ۽ خسيس ۾ خسيس ڪٽنب بہ هڪ زبردست قوم بڻبو. مقرر وقت تي آءٌ اهو سڀ جلد کان جلد ڪري وٺندس. آءٌ خداوند آهيان.“


بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.


تڏهن سڄي يهوداہ وارا يعني يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، بنيامين جي علائقي، اولهہ طرف جي هيٺاهينءَ وارين زمينن وٽان ۽ جابلو علائقي ۽ ڏکڻ واري بيابان وارا ماڻهو پيا يروشلم ۾ ايندا. اهي پاڻ سان ساڙڻ واريون قربانيون، جانورن جون ٻيون قربانيون، اناج جون قربانيون، شڪرگذاريءَ جون قربانيون ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ مون خداوند جي گھر ۾ آڻيندا.


پوءِ جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ اندر تعداد ۾ وڌي ويندا، تڏهن اوهين منهنجي عهد واري صندوق جي باري ۾ ڳالهائڻ ئي ڇڏي ڏيندا. اوهين ان متعلق سوچيندا بہ نہ ۽ نہ وري اُها اوهان کي ياد ئي رهندي. اوهان کي نہ انهيءَ جي ڪا ضرورت هوندي ۽ نہ وري اوهين ڪا ٻي اهڙي عهد واري صندوق ٺاهيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ يهوداہ توڙي اسرائيل ملڪ کي انسانن توڙي ڍورن ڍڳن سان ڀري ڇڏيندس.


آءٌ اوهان کي وري بحال ڪندس ۽ اوهين خوشحال ٿيندا. تڏهن اوهان اڳي وانگر پنهنجا دڦ کڻي خوشيءَ وچان نچندا ٽپندا.


سو جيئن آسمان جا ستارا شمار ڪري نہ ٿا سگھجن، ۽ نہ ئي سمنڊ جي ڪناري جي واري ماپي ٿي سگھجي، تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي ۽ پنهنجي خدمتگار لاوين کي وڌائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ وري اوهان بني اسرائيل قوم وارن جون دعائون ٻڌندس ۽ اوهان جي قوم کي ايترو تہ وڌائيندس جو اوهين رڍن جي وڏي ڌڻ وانگر ٿي ويندا.


سو جيئن مون کي حڪم مليو هو تيئن ئي مون ڪيو. انهن لاشن ۾ ساهہ پئجي ويو ۽ اهي زندہ انسان ٿي پيا. پوءِ هو هڪڙي تمام وڏي لشڪر جي صورت ۾ پيرن ڀر اُٿي بيٺا.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان هميشہ واري سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس ۽ سندن اولاد کي گھڻو وڌائيندس ۽ پنهنجي مقدس هيڪل کي سندن ئي ملڪ ۾ هميشہ جي لاءِ قائم ڪندس.


آءٌ کين جلاوطنيءَ مان ڇڏائي اشاري سان سڏي آڻي سندن وطن ۾ گڏ ڪندس. پوءِ هو جيئن اڳي تعداد ۾ گھڻا هئا تيئن ئي وڌي گھڻا ٿيندا.


پوءِ آءٌ خداوند يروشلم جي رهاڪن جي بہ حفاظت ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان ضعيف ترين ماڻهو بہ دائود وانگر طاقتور ٿين ۽ دائود جو گھراڻو وڏيءَ عظمت وارو ٿئي، ايتري قدر جو اهي منهنجي قوم جي اهڙيءَ طرح اڳواڻي ڪن جو ڄڻ تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرشتي جي وسيلي سندن اڳواڻي ٿو ڪريان.


هن اچي کيس چيو تہ ”ڊوڙ ۽ انهيءَ شخص کي وڃي ٻڌاءِ تہ يروشلم شهر ۾ انسان توڙي جانور ايترا تہ گھڻا ٿي ويندا جو ڪوٽ جي حد ۾ نہ ماپندا، بلڪ ان کان ٻاهر بہ سندن آبادي وڌي ويندي.


”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“


سو تنهنجو اهو جلوو جنهن ۾ تو مون کي شريڪ ڪيو آهي تنهن ۾ مون کين شريڪ ڪيو آهي، تہ جيئن اهي گڏجي هڪ ٿين جهڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ هڪ آهيون.


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو ايمان خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو ايمان بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو فاني سون کان گھڻو قيمتي آهي. خدا چاهي ٿو تہ اوهين عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت تعريف، شان وَ شوڪت ۽ عزت جي لائق قرار ڏنا وڃو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan