يرمياہ 30:13 - Muslim Sindhi Bible13 اوهان جو اهڙو ڪوبہ حمايتي ڪونهي، جيڪو اوهان جي ملم پٽي ڪري، اوهان جي دردن جو دارون ڪونهي، هائو، اوهان لاءِ شفا آهي ئي ڪونہ. Faic an caibideilSindhi Bible13 اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو تنهنجي طرفان منٿ ڪري تہ تنهنجي ملم پٽي ٿئي: تو وٽ ڇُٽائڻ جهڙيون دوائون ڪونہ آهن. Faic an caibideil |
خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“