Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 30:12 - Muslim Sindhi Bible

12 خداوند پنهنجي قوم کي وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اوهان جو زخم لاعلاج آهي، اوهان جو ڦٽ ڇٽڻ محال آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تنهنجو درد لا علاج آهي، ۽ تنهنجو زخم سخت آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 30:12
13 Iomraidhean Croise  

پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.


خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ ”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم، جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي، تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.


يهوداہ وارا پڪاري چون ٿا تہ ”اي خداوند! ڇا تو يهوداہ کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا تون صيئون کان نفرت ٿو ڪرين؟ ڇو تو اسان کي اهڙو زخم رسايو آهي جيڪو ڇٽي ئي نہ ٿو سگھي؟ اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي.


ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“


اوهين پنهنجي انهن زخمن تي ڇو ٿا روئو رڙو، جيڪي ڇٽي ئي نہ ٿا سگھن؟ اوهان جي وڏي بدڪاريءَ ۽ بي‌شمار گناهن جي ڪري ئي مون اوهان سان ائين ڪيو آهي.


جهڙيءَ طرح کوهہ جو پاڻي هر وقت تازو هوندو آهي، تهڙيءَ طرح يروشلم بہ پنهنجي بڇڙائيءَ کي هر وقت تازو رکيو ٿو اچي. انهيءَ مان ڏاڍ ۽ برباديءَ جا واڪا مون تائين پهچن ٿا. مظلومن جا ڏک سور ۽ زخم هر وقت منهنجي آڏو آهن.


جِلعاد ۾ ڪا دوا ڪانهي ڇا؟ اتي ڪو حڪيم ڪونهي ڇا؟ پر منهنجي قوم جا زخم انهن کان ڇٽڻ جا ناهن.


اي منهنجا پيارا صيئون! اي منهنجا شهر يروشلم! آءٌ تنهنجي تباهيءَ جو ڪهڙو مثال ڏيان؟ آءٌ ڪهڙي واقعي سان ڀيٽ ڪري تو کي دلاسو ڏيان؟ تو جهڙيون تڪليفون تہ ڪڏهن بہ ڪنهن ڪونہ سٺيون هونديون. سمنڊ جيان تنهنجي مصيبت جي بہ ڪا حد ئي ڪانهي. آہ! تنهنجو بچاءُ ڪهڙيءَ بہ طرح ٿي نہ ٿو سگھي!


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جا ماڻهو انهن مئل هڏين مثل آهن. اهي شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ’اسان جون هڏيون سڪي ويون آهن ۽ اسان جي ڪا اميد باقي نہ رهي آهي. اسين تہ بلڪل فنا ٿي ويا آهيون.‘


يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو، ۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي، تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا، تان‌تہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين. پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو، نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.


سامريہ جا زخم لاعلاج آهن، ۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي. بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان اچي پهچڻ واري آهي، هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.


تنهنجي زخم جو ڪوبہ علاج ڪونهي، ڇوجو تنهنجو زخم ناسور ٿي ويو آهي. جيڪو بہ تنهنجي باري ۾ ٻڌي ٿو، سو تنهنجي زوال تي خوشيءَ مان تاڙيون ٿو وڄائي، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ناهي، جيڪو تنهنجي ظلم جو نشانو نہ بڻيو هجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan