Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ تون هميشہ لاءِ مون سان ڪاوڙيل رهندين ڇا؟‘ اي اسرائيل ملڪ جي قوم! تو ائين بہ چيو آهي، پر تو کان جيڪا بڇڙائي پڳي آهي سا بہ ڪندي رهي آهين.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 هو پنهنجي ڪاوڙ هميشہ لاءِ رکيو ايندو ڇا؟ هو پڇاڙيءَ تائين اها رکيو ايندو ڇا؟ ڏس، تو ائين ڳالهايو آهي، ۽ تہ بہ بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ پٺيان هلي آهين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:5
14 Iomraidhean Croise  

هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ اسين خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد ڪريون تہ من سندس قهر اسان تان ٽري وڃي.


ڇا تون هميشہ تائين اسان سان ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجو غصو پيڙهي بہ پيڙهي جاري رهندو؟


ڇا تون اسان کي نئين سر جيئرو نہ ڪندين؟ تان‌تہ تنهنجي ڪري تنهنجي قوم خوشيون ڪري.


آءٌ پنهنجي قوم سان سدائين جھيڙو نہ ڪندس، نڪي مٿن هميشہ غضبناڪ رهندس، نہ تہ سندن روح ۽ جانيون، جن کي مون پيدا ڪيو آهي، سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي ويندا.


سو اي خداوند! ڏس، اسين سڀ تنهنجي ئي قوم آهيون، اسين تو کي رحم لاءِ منٿ ٿا ڪريون. اسان تي ايڏي وڏي ڪاوڙ نہ ڪر، نہ ئي اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد ڪر.


سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بي‌وفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس.


تہ پوءِ اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڦري وڃڻ بعد مون ڏانهن موٽي ڇونہ آيا آهيو؟ اوهين بتن کي چنبڙي پيا آهيو ۽ وري مون آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿا ٿيو.


مون ڌيان سان ٻڌو آهي، پر اوهان مان ڪوبہ سچ نہ ٿو ڳالهائي. ڪوبہ ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي ۽ ائين نہ ٿو چوي تہ ’هاءِ! هي مون ڇا ڪيو؟‘ بلڪ هر ڪو پنهنجي بڇڙائيءَ واري واٽ وٺيو پيو ٿو هلي، جيئن ڪو گھوڙو جنگ ۾ ڊوڙندو ئي رهندو آهي.


ڏس، اي يروشلم! بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ پنهنجي پنهنجي طاقت آهر تو منجھہ رت وهائڻ ۾ مشغول آهن.


ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan