Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:3
28 Iomraidhean Croise  

ٻئي ڏينهن وڏيءَ ڀيڻ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو تہ ”ڪالهہ رات آءٌ پنهنجي پيءُ سان ستي هئس، اچ تہ اڄ رات بہ کيس مئي پيئاريون ۽ تون وڃي گڏ سمهينس. پوءِ اسان ٻنهي کي انهيءَ مان ٻار ٿيندا.“


هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.


بدڪار ماڻهو پنهنجي رستي تي بضد ٿو رهي، مگر سچار ماڻهو سوچي سمجھي قدم کڻي ٿو.


آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“


خداوند مون يرمياہ کي خشڪ ساليءَ جي باري ۾ فرمايو تہ


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


امير امراءَ پنهنجن نوڪرن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪلين ٿا. اهي تلائن ڏانهن وڃن ٿا پر پاڻي هٿ ڪونہ ٿو اچين. سو اهي پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا اچن. پريشاني ۽ نااميديءَ سببان سندن ڪنڌ جھڪيل آهن.


زمين سڪي ٺوٺ ٿي پيئي آهي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن ڪونهي پيو. نااميديءَ سببان هارين جا ڪنڌ جھڪيل آهن.


”تون چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو کڻ ۽ ان تي اهي سڀ ڳالهيون لک، جيڪي مون تو سان يوسياہ جي بادشاهيءَ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ۽ ٻين سڀني قومن متعلق ڪيون آهن.


هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.


اوهان جي بدڪاريءَ اهي شيون اوهان کان روڪي رکيون آهن، هائو، اوهان جي گناهن اوهان کي انهن چڱين شين کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.‘


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


مون خداوند کان پڇيو تہ ”ڇو اهو ملڪ برباد ٿيو ۽ سڪي سڙي اهڙو ٺوٺ ٿي ويو آهي جو ڪوبہ انهيءَ مان نہ ٿو لنگھي؟ ڪهڙو ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو اِها ڳالهہ سمجھي سگھي؟ اُهو ڪير آهي جنهن کي تو خداوند طرفان اها ڳالهہ سمجھائڻ سيکاريو ويو آهي؟“


پر بني اسرائيل مان ڪوبہ تنهنجي ڪين ٻڌندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ ئي نہ ٿا گھرن. سڀيئي بني اسرائيل منهن جا پڪا ۽ ضدي آهن.


آءٌ اوهان جو شهزوريءَ وارو هٺ ڀڃي ڇڏيندس ۽ اوهان جي لاءِ آسمان کي پتل جهڙو ۽ زمين کي لوهہ جهڙو ڪري ڇڏيندس.


جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.


ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو اڃ کان بي‌حال ٿي پاڻيءَ واسطي شهر شهر ڀٽڪندا رهيا، پر پيئي ڪري ڪڏهن بہ ڍءُ نہ ڪيائون. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


اي بي‌شرم قوم! توبهہ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو، پاڻ ۾ گڏ ٿيو.


پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بي‌انصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بي‌انصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.


منهنجي حڪم سان ئي اوهان جي ملڪ ۾ خشڪ سالي آئي آهي. هائو، اوهان جي جبلن مان، پوک وارين ٻنين مان، انگورن ۽ زيتون جي باغن مان، زمين جي هر فصل ۽ پيداوار مان، انسانن توڙي جانورن مان، اوهان جي هر پورهئي مان، بلڪ هر شيءِ مان برڪت کسي ويئي آهي.‘“


اوهان جي مٿان جيڪو آسمان آهي سو پتل جهڙو ٿي ويندو ۽ اوهان جي هيٺان جيڪا زمين آهي سا لوهہ جهڙي ٿي ويندي.


خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن زمين تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آسمان مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan