يرمياہ 3:24 - Muslim Sindhi Bible24 پر بدڪاريءَ جي پتلي بعل ديوتا جي پوڄا، جيڪا اسان جي قوم شروعات کان ئي پيئي ڪئي، سا اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي. Faic an caibideilSindhi Bible24 پر اها خواري جهڙي شيءِ اسان جي جوانيءَ کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو کائي وئي آهي؛ انهن جا ڌڻ ۽ گلا، انهن جا پٽ ۽ انهن جون ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.