Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پر ان جي بدران اي منهنجي قوم! تو هڪ بي‌وفا زال وانگر مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي. آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 تحقيق جيئن ڪا زال دغا ڪري پنهنجي مڙس وٽان هلي وڃي، تيئن اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان مون سان دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، خداوند ائين ٿو فرمائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:20
11 Iomraidhean Croise  

بيشڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان عادل خدا جي واکاڻ جا گيت ٻڌڻ ۾ ٿا اچن. پر ويل آهي مون لاءِ! ڇاڪاڻ تہ منهنجا حالات تمام خراب آهن، بلڪ آءٌ ڳرندو ٿو وڃان، هائو، جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ دغابازي ڪندڙ دغابازيءَ جي هلت کان باز نہ ٿا اچن، بلڪ سندن دغابازي ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.


مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي، ۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو. تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي، سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو، بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.


اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين. تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟ سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟


اسرائيل ۽ يهوداہ وارن منهنجي ڏاڍي نافرماني ڪئي آهي. آءٌ خداوند ائين چوان ٿو.“


خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“


هنن مون خداوند سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري هنن جو اولاد منهنجو نہ آهي، ۽ اهي ناجائز اولاد آهن. هاڻ اهي ۽ سندن اولاد هڪڙي مهيني جي اندر سندن ملڪيت سميت نيست وَ نابود ٿي ويندا.


پر اي اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي قوم هوندي آدم واري هنڌ پهچڻ کان وٺي مون سان ڪيل عهد اقرار ٽوڙيندا رهيا آهيو. هائو، انهيءَ وقت کان وٺي اوهين مون سان بي‌وفائي ڪندا رهيا آهيو.


اوهان يهوداہ وارن خداوند سان بي‌وفائي ڪندي يروشلم ۾ ڪڌو ڪم ڪيو آهي. هائو، اوهان غير معبودن سان تعلق جوڙي خداوند جي پاڪ ۽ پياري گھر جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan