Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ٽڪر تي ٺهيل جاين ڏانهن پنهنجيون اکيون کڻي نهاري ڏس تہ اتي ڪابہ اهڙي جاءِ آهي جتي تو سان ڪو ستو نہ هجي؟ تون بيابان جي رستن جي ڪناري پنهنجي يارن لاءِ ائين انتظار ۾ ويٺي آهين، جيئن بدوي رستن تي ويهي ايندڙ ويندڙ سان وهنوار ڪندا آهن. تو هن ملڪ کي پنهنجي اهڙي زناڪاري ۽ بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:2
22 Iomraidhean Croise  

تمر سوچيو پئي تہ ”جيتوڻيڪ منهنجو ڏير شيلاہ وڏو ٿي ويو آهي، تنهن هوندي بہ منهنجي شادي هن سان نہ ڪرائي ويئي آهي.“ سو هن پنهنجا رنن‌زالن وارا ڪپڙا لاٿا ۽ چادر سان پاڻ کي ويڙهي سيڙهي عينيم ڳوٺ جي دروازي وٽ اچي ويٺي جيڪو تِمناہ شهر جي رستي تي هو.


هن کي ست سؤ زالون هيون جيڪي شهزاديون هيون ۽ ٽي سؤ سريتيون هئس. هن جي زالن سندس دل کي ڦيرائي ڇڏيو.


غير معبودن جا اهي پوڄا گھر جيڪي يروشلم جي اوڀر ۾ ۽ برباديءَ واري ٽڪر جي ڏکڻ طرف هئا، تن جي يوسياہ بادشاهہ بي‌حرمتي ڪرائي ڇڏي. اهي پوڄا گھر بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي ديوي عستارات، موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي لاءِ جوڙايا هئا.


اهڙيون عورتون ڦورن جي ٽولي وانگر حملي ڪرڻ لاءِ ڇپ ماري ٿيون ويهن، ۽ پرڻيل مردن ۾ بي‌وفائيءَ جو تعداد وڌائين ٿيون.


هوءَ اهڙين عورتن مان ٿي لڳي، جيڪي گستاخ ۽ بي‌شرم ٿين ٿيون ۽ جن جا پير گھر اندر نہ ٽِڪندا هجن.


تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.


تون ڪيئن ٿي چوين تہ ’مون پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪيو آهي، نڪي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿم‘؟ ياد ڪر، تو ماٿريءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو. تون هڪڙي وهريل ڏاچيءَ وانگر آهين، جيڪا يَل پئي ڊوڙي.


مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين. پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو، يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


کيس ڪوبہ شرم نہ آيو. هن پٿرن ۽ وڻن جي پوڄا ڪندي ڄڻ زناڪاري ڪري ملڪ کي پليت ڪيو آهي.


اي يروشلم وارؤ! سوڳ وچان پنهنجا وار ڪوڙي اڇلايو، ٽڪرين تي آہ وَ زاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي موجودہ پيڙهي خداوند جي ڪاوڙ هيٺ آهي، جنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي.


تو پنهنجي ڪپڙن مان ڪجھہ ڪپڙا پوڄا وارين جاين کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪيا ۽ اتي ڪسبياڻيءَ وانگر تو اهڙي تہ زناڪاري ڪرائي جو اهڙي نہ ڪڏهن ٿي آهي ۽ نہ ٿيندي.


جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو.


سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بي‌حيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘


هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابراهيم نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو.


اتي اوهين ضرور انهن سڀني جاين کي برباد ڪري ڇڏجو، جتي جتي اهي قومون جن جي اوهين جاءِ وٺندا، سي اوچن جبلن ۽ ٽڪرين تي ۽ هر هڪ سائي وڻ جي هيٺ پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan