Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:19 - Muslim Sindhi Bible

19 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! منهنجو ارادو هو تہ آءٌ تو کي پنهنجي اولاد جو رتبو ڏيان، ۽ تو کي سٺو ملڪ، يعني ٻين قومن کان چڱي ۾ چڱو ملڪ ورثو ڪري ڏيان. مون سوچيو هو تہ تون مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندينءَ، ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان ڦري نہ ويندينءَ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 پر مون چيو تہ ڪيئن آءٌ توکي پنهنجي اولاد ۾ داخل ڪريان، ۽ توکي هڪڙي سٺي ملڪ ۾، يعني قومن جو چڱي ۾ چڱو حصو ورثو ڪري ڏيان؟ ۽ مون چيو تہ اوهين مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندا؛ ۽ منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦري نہ ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:19
32 Iomraidhean Croise  

ان کان سواءِ هنن انهيءَ وڻندڙ ملڪ ڪنعان کي حقير ڄاتو، ۽ پنهنجي خداوند جي ڪيل واعدي تي ڀروسو نہ ڪيائون.


خداوند جيڪي چڱيون شيون مون کي ورثي طور ڏنيون آهن، سي ڪيڏيون نہ دلپسند آهن.


دائود مون کي پڪاري چوندو تہ ’تون منهنجو ابو آهين، تون ئي منهنجو خدا، منهنجو محافظ ۽ بچاءُ آهين.‘


ڏاهن ماڻهن کي عزت عطا ڪئي ويندي، جڏهن تہ بي‌وقوفن کي ذلت جو منهن ڏسڻو پوندو.


تون اسان جو پيءُ آهين. توڙي جو ابراهيم ۽ يعقوب جيڪي اسان جا وڏا آهن، سي بہ اسان کي وساري سگھن ٿا، پر تون، اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين، اهو ئي جيڪو اسان کي هميشہ بچائيندو ٿو رهين.


پر اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين. اسين رڳو مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين، جنهن اسان سڀني کي پنهنجي هٿن سان جوڙيو آهي.


جيئن ڌنار انگورن جي باغ کي ڀيلي ٿا ڇڏين، ۽ ٻنيءَ کي لتاڙي ناس ٿا ڪن، تيئن ڪيترن ئي ڌارين بادشاهن منهنجي قوم جي سرسبز ملڪ کي اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيو آهي.


انهيءَ وقت تہ اوهين يروشلم کي ”خداوند جو تخت“ سڏيندا ۽ سڀ قومون مون خداوند جي نالي کي تعظيم ڏيڻ لاءِ يروشلم ۾ گڏ ٿينديون، ۽ اڳتي اوهين پنهنجي شرير دل جي هوڏ مطابق نہ هلندا.


پنهنجي اهڙيءَ حالت ۾ تون مون کي چوين ٿي تہ ’اي منهنجا ابا! تو منهنجي ننڍپڻ کان وٺي مون سان پيار ڪيو آهي.


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس. آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس، جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان، هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“


تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”اهڙين ڳالهين تي آءٌ اوهان کي ڇو معاف ڪريان؟ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪوڙن معبودن جي پوڄا ڪندا رهيا آهيو. مون اوهان کي آسودگي عطا ڪئي تہ بہ اوهان وڃي زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گھرن ۾ وڃي ڳاهٽ ٿيو ٿا.


مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.


ڪاهہ ڪري ايندڙ شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو، ڪوبہ انهيءَ جي سامهون بيهي نہ سگھندو. هو بني اسرائيل جي انهيءَ شانائتي ملڪ ۾ رهي پوندو ۽ انهيءَ کي تباهہ ڪرڻ جي سگھہ رکندو.


هو بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ۾ بہ گھڙندو ۽ لکين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيندو. پر اوڀر طرف ڀر وارا ادوم ۽ موآب جا ماڻهو توڙي بني عمون جا مکيہ ماڻهو سندس هٿان بچي نڪرندا.


هو ڀونوچ سمنڊ ۽ شان واري مقدس جبل صيئون جي وچ تي پنهنجا شاهي خيما کوڙيندو. پر نيٺ سندس خاتمو ٿيندو ۽ ڪوبہ سندس مدد ڪرڻ وارو نہ هوندو.“


انهن مان هڪڙي منجھان هڪ ننڍڙو سڱ نڪتو، جيڪو وڌي تمام وڏو ٿيو ۽ ان جو رخ ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ۽ بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ڏانهن پڻ هو.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي اوهين سڀيئي خدا جا ٻار بڻجي ويا آهيو.


هن پنهنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اڳي ئي فيصلو ڪيو تہ اسين عيسيٰ مسيح جي وسيلي سندس ٻار مقرر ڪيا وڃون،


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو. سو اوهين مئلن جي لاءِ غير قومن وانگر پنهنجو پاڻ کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو،


سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي ايمان رکي پاڻ کي بچائين ٿا.


هاڻي جيڪڏهن اوهين دعا گھرندي خدا کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو هر هڪ ماڻهوءَ جي عمل موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنهنجي هيءَ مسافرن واري زندگي سندس خوف ۾ گذاريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan