Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بي وفا ٻار، موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي مڙس وانگي آهيان: ۽ آءٌ اوهان کي شهر مان هڪ هڪ، ۽ قبيلي مان ٻہ ٻہ ڪري وٺندس، ۽ اوهان کي صيون ۾ وٺي ايندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:14
31 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا جيڪي خط بادشاهہ جي حڪم تي قاصد سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن کڻي ويا، تن ۾ لکيل هو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! جيئن تہ اوهين اشور جي شهنشاهن جي هٿن کان بچي ويا آهيو، سو خداوند، اسان جي وڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تہ من هو اوهان تي وري مهربان ٿئي.


جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها.


تڏهن اي بني اسرائيل! توڙي جو اوهين هاڻي سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترا گھڻا آهيو، تڏهن بہ اوهان مان ڪي ٿورا ئي جلاوطنيءَ مان موٽي پنهنجي وطن ايندا. بيشڪ اوهان لاءِ جيڪا بربادي مقرر ڪئي ويئي آهي، سا پوري انصاف تي ٻڌل آهي.


پر جيڪڏهن ان ۾ ڪي ماڻهو بچي بہ ويا تہ اهي ايترا تہ ٿورا هوندا، جيئن ڪنهن ڌوڻو ڏنل زيتون جي وڻ ۾ ڪي ٿورا زيتون وڃي بچندا آهن، ٻہ ٽي داڻا مٿاهين ٽارين ۾، ۽ هيٺاهين ڦلدار ٽارين ۾ رڳو چار پنج داڻا بس. اهو مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“


اي بني اسرائيل! اهو ڏينهن ايندو جڏهن خداوند فرات نديءَ کان وٺي مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين اوهان کي داڻو داڻو ڪري چونڊي گڏ ڪندو، جيئن بُهہ مان ڪڻڪ چونڊي الڳ ڪئي ويندي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي خلاف سخت بغاوت پئي ڪئي آهي، پر هاڻي مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.


مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.


تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.


ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“


”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون کي اوهان جي اُها بي‌انتها محبت ياد آهي، جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا، هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم، جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا. اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين غير آباد رڻ‌پٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا.


جن جن ملڪن ڏانهن مون پنهنجيءَ قوم کي هڪالي ڪڍيو آهي، تن مان باقي بچيلن کي آءٌ ئي گڏ ڪري سندن وطن ڏانهن موٽائي آڻيندس. اتي هو گھڻا ٻار ڄڻيندا ۽ تعداد ۾ وڌي ويندا.


هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟


سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بي‌وفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس.


مون اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم کي سندس زناڪاريءَ جي ڪري طلاق نامو ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. اهو ڏسندي بہ سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم ڪانہ ڊني، اٽلندو اها بہ وڃي زناڪاري ڪرڻ لڳي.


سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.


اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.


هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن نگهباني ڪندڙ افرائيم جي ٽڪرين تان پڪاري چوندا تہ ’اچو تہ صيئون ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن هلون.‘“


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن کي اڳين نبين پڪاري مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ هو پنهنجن بڇڙن افعالن ۽ طور طريقن کان باز اچن. پر هنن مون خداوند جو فرمان ٻڌو اڻ‌ٻڌو ڪري ڇڏيو.


جڏهن تہ بني اسرائيل بابت يسعياہ نبي پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan