Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 29:22 - Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ ڪري اوهين يهوداہ جا سڀ جلاوطن جيڪي بابل ۾ آهيو سي هيءَ لعنت مثال طور ڪم آڻيندا تہ ”شل خداوند تو کي صدقياہ ۽ اخي‌اب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ ڏيئي ساڙائي ڇڏيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ۽ يهوداہ جا جيڪي قيدي بابل ۾ آهن سي سڀ هنن تان هڪڙو لعنت جو مثال بنائيندا، ۽ چوندا، تہ شل خداوند توکي صدقياہ جهڙو ۽ اخي اب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ تي ڪباب ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 29:22
7 Iomraidhean Croise  

سو هن انهيءَ ڏينهن کين هي چوندي خير جي دعا ڏني تہ ”بني اسرائيل ٻين لاءِ خير جي دعا گھرڻ مهل هيئن چوندا تہ ’شل خدا تو کي افرائيم ۽ منسيءَ جهڙو ڪري!‘“ سو هن افرائيم کي منسيءَ تي اوليت ڏني.


منهنجا دشمن سڄو ڏينهن مون تي طعنا ٿا هڻن. ٽوڪ ڪندڙ ٻين تي لعنت ڪرڻ ۾ منهنجي نالي جو مثال ڏين ٿا.


آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.


تڏهن انهن ٽنهي کي سندن چادرن، قميصن، پڳن ۽ ٻين ڪپڙن سميت ٻڌي، ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏيائون.


جيڪو بہ ماڻهو سجدو نہ ڪندو، تہ انهيءَ کي ان وقت ئي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو.“


جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا خداوند! اچ.


تڏهن اڳواڻن ۽ شهر جي دروازي وٽ موجود ٻين ماڻهن چيو تہ ”اسين شاهد آهيون. شل انهيءَ عورت کي جيڪا تنهنجي گھر ٿي اچي، هائو، انهيءَ کي خداوند شل يعقوب جي زالن راخل ۽ لياہ جهڙو ڪري، جن ٻنهي بني اسرائيل جو نسل وڌايو. شل تون افراتي گھراڻي ۾ خوشحال ٿئين، ۽ بيت‌لحم ۾ تنهنجو نالو ٿئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan