Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 29:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر حقيقت ۾ جيڪو شخص بادشاهہ دائود جي تخت تي ويٺو آهي ۽ جيڪي ماڻهو هن شهر يروشلم ۾ رهن ٿا، يعني اوهان جا هم‌وطن جيڪي جلاوطن نہ ڪيا ويا هئا تن سڀني بابت خداوند جو فرمان هي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 هاڻي جيڪو بادشاهہ دائود جي تخت تي ويٺو آهي، تنهن بابت، ۽ جيڪي ماڻهو هن شهر ۾ رهن ٿا ۽ اوهان جا ڀائر جي اوهان سان گڏ قيد ٿي نہ ويا آهن تن سڀني بابت، خداوند هيئن ٿو فرمائي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 29:16
11 Iomraidhean Croise  

صدقياہ کي جڏهن بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي.


هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ آڳاٽن پڪل انجيرن جهڙا نهايت عمدا انجير هئا ۽ ٻي ٽوڪريءَ ۾ اهڙا تہ خراب انجير هئا جو کائڻ جهڙا بلڪل نہ هئا.


پر يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ، سندس عملدار ۽ يروشلم ۾ باقي بچي ويل ماڻهو، پوءِ اهي هن ئي ملڪ ۾ يا مصر ۾ رهندا هجن، تن کي آءٌ خداوند انهن خراب انجيرن وانگر ٿو سمجھان، جيڪي کائڻ جي لائق ناهن.


مون اهو خط العاسہ ولد سافن ۽ جمرياہ ولد خلقياہ جي حوالي ڪيو، جن کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڏانهن موڪليو. ان خط ۾ لکيل هو تہ


تنهنڪري آءٌ پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊيندس ۽ پنهنجي غضب جي باهہ سان کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. آءٌ سندن عمل سندن ئي سر تي آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan