آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا اخياب ولد قولاياہ ۽ صدقياہ ولد معسياہ، جيڪي منهنجي نالي تي اوهان اڳيان ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪن ٿا، تن بابت چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو کين اوهان جي اکين اڳيان قتل ڪرائي ڇڏيندو.
قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي سمعياہ نخلاميءَ بابت هڪ پيغام ڏنو، جنهن پنهنجي نالي سان يروشلم جي سڀني ماڻهن توڙي صفنياہ ولد معسياہ ڪاهن ۽ ٻين سڀني ڪاهنن ڏانهن خط موڪليو. انهيءَ خط ۾ هن صفنياہ کي لکيو تہ
ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقيايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.