Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 29:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 29:14
44 Iomraidhean Croise  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


جڏهن خداوند صيئون جي خوشحاليءَ کي وري بحال ڪيو، تڏهن اسين اهڙا خوشحال ٿياسين ڄڻ تہ اهو ڪو خواب هو.


اي خداوند! جهڙيءَ طرح سڪل برساتي نهرون پاڻيءَ سان ڀرجي وهن ٿيون، تهڙيءَ طرح تون اسان کي وري سکيو ستابو ڪر.


اهڙيءَ طرح هر ڪنهن نيڪ بندي کي تنگيءَ جي وقت تي تو کان دعا گھرڻ کپي، تڏهن تڪليفن جو وڏو سيلاب بہ انهن تائين پهچي ڪين سگھندو.


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


پر خداوند بني اسرائيل تي رحم فرمائيندو ۽ هڪ دفعو وري کين پنهنجي چونڊيل قوم بڻائيندو. هو کين وري سندن وطن ۾ موٽائي آڻي آباد ڪندو. ڌاريا بہ اچي ساڻن گڏبا ۽ بني اسرائيل جو حصو ٿي رهندا.


اوهين بلڪل نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. آءٌ اوهان جي نسل کي اوڀر توڙي اولهہ جي ڏورانهن ملڪن کان موٽائي وطن ۾ آڻي گڏ ڪندس.


آءٌ اتر توڙي ڏکڻ کي پڻ حڪم ڪندس، تہ اهي واپس ايندڙ ماڻهن کي نہ روڪين، جيڪي مون لاءِ پٽن ۽ ڌيئرن جي مثل آهن، تان‌تہ اهي ڏورانهن ملڪن ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان موٽي پنهنجي وطن ۾ اچن.


مون نڪي ڳجھہ ڳوهہ ۾، ۽ نہ وري ڌرتيءَ جي ڪنهن اونداهيءَ جاءِ مان، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. مون يعقوب جي نسل کي ڪين چيو آهي تہ ’اوهين منهنجي ڳولا ڪنهن ويران بيابان ۾ ڪريو.‘ آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان، آءٌ سچائيءَ جون ڳالهيون بيان ٿو ڪريان.“


سو خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ کانئس دعا گھرو. هائو، خدا کي پڪاريو، جو هي سندس قبوليت جو وقت آهي.


کين ائين جلاوطن ڪري ڇڏڻ کان پوءِ، آءٌ وري مٿن رحم ڪندس ۽ منجھائن هر قوم کي سندس ورثي واري ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس.


اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.


سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو، نڪي اوهين پريشان ٿيو. آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس، يعني اوهان جي نسل کي جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس. آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس، ۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس، يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو، ۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو.


ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم يعني اسرائيل وارن ۽ يهوداہ وارن جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهيءَ ملڪيت جا وارث ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي راخل! تون روئڻ بند ڪر، ۽ لڙڪ وهائڻ ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ تو کي پنهنجي ٻارن ڄڻڻ جو اجر ضرور ملندو، جو تنهنجو اولاد دشمنن جي ملڪن مان موٽي تو وٽ ايندو.


مستقبل ۾ آءٌ انهن بابت تنهنجيون اميدون پوريون ڪندس. بيشڪ تنهنجو اولاد موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس، تڏهن ماڻهو يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ وري هيئن چوندا تہ ’اي پاڪ جبل صيئون! جيڪو سچائيءَ سان ڀرپور آهين، شل خداوند تو کي برڪتون عطا ڪندو رهي.‘


سو اي بني اسرائيل وارؤ! ائين ڪرڻ سان خداوند اسان کي بي‌ڏوهي ثابت ڪيو آهي، تنهنڪري اچو تہ هلون ۽ هلي يروشلم ۾ ٻڌايون تہ خداوند اسان جي خدا ڇا ڪيو آهي.


انهيءَ خراب قوم مان جيڪي باقي بچندا ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هوندو، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا. آءٌ قادرِمطلق خداوند ائين ٿو چوان.“


پوءِ انهن ماڻهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي هاڻي غير قومن جي ملڪن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي آءٌ اتان ڪڍي سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس.


پر هاڻي آءٌ خداوند خدا سڄي بني اسرائيل قوم تي رحم ڪندس. هائو، آءٌ يعقوب جي اولاد جي خوشحالي وري بحال ڪندس ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پاڪ نالي جي عظمت کي ضرور قائم رکندس.


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا. هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا. اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا.


پر اهي خداوند جي ارادن کي نہ ٿا ڄاڻين، اهي اها ڳالهہ سمجھن ئي نہ ٿا تہ خداوند کين اهڙي سزا ڏيڻ لاءِ هتي آڻي گڏ ڪيو آهي، جيئن اناج جا گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.


ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس ۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا، بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


وري يسعياہ وڏي دليريءَ سان خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن کي آءٌ ملي ويس. جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا، تن کي مون ڏيکاري ڏني.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جڏهن اِهي سڀ ڳالهيون يعني برڪتون ۽ لعنتون جيڪي مون اوهان جي اڳيان رکيون آهن، سي اوهان تي اچي پون، تڏهن اوهين انهن سڀني قومن منجھہ انهن کي ياد ڪندا، جن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو.


تہ پوءِ خداوند اوهان جو خدا اوهان جي خوشحالي بحال ڪندو. هو اوهان تي رحم ڪندو ۽ جن جن قومن ۾ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان اوهان کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ئي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي اوهان جي ابن ڏاڏن جو قبضو هو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ان تي قبضو ڪريو. پوءِ هو اوهان سان ڀلائي ڪندو ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کان بہ اوهان کي گھڻو وڌائيندو.


هن ڪري جو اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجھو هجي جهڙو خداوند اسان جو خدا، هر انهيءَ وقت اسان کي ويجھو آهي، جڏهن اسين کيس پڪاريون ٿا؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan