Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 28:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تنهنڪري خداوند تو بابت فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو کي روءِزمين تان مِٽائڻ وارو آهيان. هن ئي سال تون مري ويندين، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندس: هن ئي سال تون مري ويندين، ڇالاءِ جو تو خداوند جي برخلاف بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 28:16
16 Iomraidhean Croise  

ستن ڏينهن کان پوءِ آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندس ۽ سڀني ساهوارن کي، جيڪي مون بڻايا آهن برباد ڪري ڇڏيندس.“


يربعام جو اهو گناهہ سندس گھراڻي لاءِ تباهي ۽ برباديءَ جو سبب بڻيو.


مصرين کي ائين چوڻ جو موقعو ڇو ملي تہ تون کين ٺڳيءَ سان هتان ڪڍي ويو آهين، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي جبلن ۾ ماري وجھين ۽ کين سڄيءَ دنيا تان مِٽائي ڇڏين؟ سو تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ ۽ پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ واري ارادي کي ڇڏي ڏي.


هاڻ اي فشحور! تون بہ بابل ڏانهن قيد ڪري نيو ويندين. تون اتي مرندين ۽ اتي ئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجو گھراڻو بلڪ تنهنجا اهي سڀيئي دوست بہ جن جي اڳيان تو منهنجي نالي سان ڪوڙا پيغام ٻڌايا آهن.“


سو انهيءَ ساڳئي سال جي ستين مهيني ۾ نبي سڏائيندڙ حننياہ مري ويو.


ٻن سالن اندر آءٌ هيڪل جو اهو سڄو سامان هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جيڪو بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هتان بابل ڏانهن کڻي ويو هو.


تنهنڪري مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس نسل کي اهڙي سزا ڏيندس جو قوم مان سندن نالو نشان ئي مٽجي ويندو. هو اهي چڱا ڪم ئي نہ ڏسندو جيڪي آءٌ پنهنجي قوم لاءِ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ’اي امصياہ! تنهنجي زال شهر ۾ ڪڃري بڻبي، جنگي حملي‌آورن هٿان تنهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ماريا ويندا، تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي، ۽ تون پاڻ ڪنهن ناپاڪ ملڪ ۾ وڃي مرندين. جڏهن تہ اسرائيل وارا ضرور پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪري ڪڍيا ويندا.‘“


ڏسو، مون خداوند خدا جون اکيون اوهان جي گنهگار بادشاهت تي آهن. آءٌ انهيءَ کي روءِزمين تان مِٽائي ڇڏيندس. انهيءَ هوندي بہ آءٌ يعقوب جي اولاد کي بلڪل ئي نابود نہ ڪندس.


سو انهن خراب خبر ٻڌائيندڙ ماڻهن کي خداوند وبا سان ماري ڇڏيو.


ستين ڏينهن تي ست وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بي‌عيب هجن.


ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي وچ ۾ آهي سو غيرت وارو خدا آهي. ائين نہ ٿئي جو خداوند اوهان جو خدا اوهان تي ڪاوڙجي ۽ اوهان کي دنيا مان بلڪل برباد ڪري ڇڏي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan