انهن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ لوهہ جا سڱ ٺاهيا ۽ اخياب کي چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’هنن سان توهين ارامين کي اهڙو تہ ٽڪر هڻندا جو اهي مڪمل طور ناس ٿي ويندا.‘“
آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪيل يهوداہ جي ٻين سڀني ماڻهن سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
جڏهن آءٌ تحفنحيس شهر ۾ مصر جي حڪمرانيءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس، تڏهن انهيءَ جو طاقت وارو فخر مٽجي ويندو، ۽ ان جا رهاڪو قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويندا. ان وقت تحفنحيس شهر تي ڏينهن اونداهو ٿي ويندو، بلڪ سڄي ملڪ تي اونداها ڪڪر ڇانئجي ويندا.