يرمياہ 27:8 - Muslim Sindhi Bible8 پر جيڪا قوم ۽ حڪومت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري نہ ڪندي ۽ پنهنجي ڳچي ان جي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجھندي، تنهن قوم کي آءٌ خداوند جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، جيستائين انهيءَ جي هٿان هنن کي بلڪل نابود ڪري نہ ڇڏيان. Faic an caibideilSindhi Bible8 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.