Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هاڻ آءٌ ئي آهيان جيڪو توهان جا سڀ ملڪ نبوڪدنضر جي حوالي ٿو ڪريان، بلڪ جھنگ جا سڀ جانور بہ آءٌ هن جي تابع ٿو ڪريان، جنهن کي مون انهيءَ ڪم لاءِ چونڊيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ هاڻي هي سڀ ملڪ مون پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿ ۾ ڏنا آهن؛ ۽ جهنگ جا جانور بہ مون هن کي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:6
19 Iomraidhean Croise  

هن ساڻس مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪيو ۽ ساڻس گڏ قيد ٿيل ٻين بادشاهن کان وڌيڪ مان مرتبو ڏنائينس.


”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان. سو هاڻ اوهين سڀ خداوند جي قوم اوڏانهن موٽي وڃو. خداوند اوهان جو خدا شل اوهان سان گڏ هجي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خورس کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي تہ اهو منهنجي پاران دنيا تي حڪمراني ڪندو. هو منهنجي سموري مرضي پوري ڪندي يروشلم شهر کي وري اڏائيندو، ۽ هيڪل جا بنياد رکائيندو.“


تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


بلڪ آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪري ٿو ڇڏيان جيڪي تنهنجا جاني دشمن آهن، يعني بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر، جن کان تون ڊڄين ٿو.


بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي سندس عملدارن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن سميت يروشلم مان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ خداوند مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏٺيون.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھندس، تہ جيئن هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري ڪن، يقيناً هو ائين ئي ڪندا. آءٌ جھنگ جا جانور بہ هن جي تابع ڪري ڇڏيندس.‘“


پوءِ کين مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر کي گھرائيندس، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي. آءٌ سندس تخت انهن پٿرن تي قائم ڪندس، جيڪي مون هتي هڻايا آهن. هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو.


اي حصور وارؤ! آءٌ خداوند اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ ڀڄو، جلدي ڀڄي وڃو! وڃي ڳجھين جاين ۾ لڪو. انهيءَ سبب جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اوهان جي خلاف هڪڙو منصوبو ٺاهي پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو آهي تہ


هائو، آءٌ مصر کي سڀني کان وڌيڪ ويران ملڪ بڻائي ڇڏيندس ۽ انهيءَ جا شهر چاليهن سالن تائين ٻين برباد ٿيل شهرن کان وڌيڪ اجڙيل رهندا. ان کان علاوہ آءٌ مصر جي ماڻهن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس.


آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس ۽ پنهنجي تلوار سندس هٿ ۾ ڏيندس. پر فرعون جون ٻانهون آءٌ ڀڃي ڇڏيندس، ايتري قدر جو هو پنهنجي دشمن جي اڳيان ائين دانهون ڪوڪون ڪندو جيئن ڪو زخمي مرڻ جي ويجھو هوندي دانهون ڪندو آهي.


انهيءَ جا پن سهڻا هئا ۽ منجھس ايترو تہ جھجھو ڦر هو، جو پوريءَ دنيا کي انهيءَ مان کاڌو ٿي مليو. جانورن ان جي هيٺان پناهہ ٿي ورتي، ۽ پکين ان ۾ آکيرا ٿي ٺاهيا، سڀني ساهوارن جو انهيءَ تي ئي گذران هو.


اي بادشاهہ سلامت! اهو وڻ توهين ئي آهيو، جيڪي وڌي مضبوط ٿيا آهيو. توهان جي عظمت وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ توهان جي حاڪميت ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan