Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهن کان پوءِ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ آيا آهن تن کي چئُہ تہ هو پنهنجي آقائن يعني ادوم، موآب، عمون، صور ۽ صيدا جي بادشاهن کي وڃي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ اچن، تن جي هٿان ادوم جي بادشاهہ، ۽ بني عمون جي بادشاهہ، ۽ صور جي بادشاهہ، ۽ صيدا جي بادشاهہ ڏي اُهي موڪلي ڏي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:3
12 Iomraidhean Croise  

نبوڪدنضر کان صدقياہ بادشاهہ بہ بغاوت ڪئي جنهن کيس پاڻ سان وفادار رهڻ لاءِ خدا جو قسم کڻايو هو. هن پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهڙو تہ پٿر دل ٿي پيو جو خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏانهن بہ لاڙو نہ ڪيائين.


پر اي صيدا شهر وارؤ! اوهين تہ هاڻي خوار خراب ٿيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ سمنڊ اوهان کي پنهنجي اولاد جيان پناهہ نہ ٿو ڏئي. هائو، سمنڊ هڪ سنڍ عورت جيان اوهان کي ڌڪاريندي چوي ٿو تہ ”مون تہ ويم جا سور ڏٺا ئي نہ آهن، پوءِ اوهين ڪٿان منهنجو اولاد بڻجي آيا آهيو؟“


مون اهي ئي ڳالهيون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بہ چيون تہ ”اي صدقياہ! جيڪڏهن تون ۽ تنهنجي قوم زندہ رهڻ گھرو ٿا تہ پوءِ اوهين پنهنجيون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاريءَ ۾ آڻي وجھو ۽ انهيءَ جي ۽ سندس قوم جي تابعداري ڪريو.


مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌائين تہ


ساڳئي سال، يعني يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جي پنجين مهيني ۾ جِبعون جي رهاڪو نبي سڏائيندڙ حننياہ ولد عزور خداوند جي گھر ۾ ڪاهنن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي روبرو مون يرمياہ کي چيو تہ


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صور شهر تي اچي حملو ڪيو ۽ گھڻي وقت تائين گھيرو ڪري ويهي رهيو. هن پنهنجي لشڪر جي سپاهين کان ايترو تہ ڳرو وزن کڻايو جو انهن جا مٿا گسي گسي گنجا ٿي ويا ۽ سندن ڪلها ڇلجي زخمي ٿي پيا. پر انهيءَ جي باوجود بہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر کي لٽ ڦر جو مال هٿ اچي نہ سگھيو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan