يرمياہ 27:22 - Muslim Sindhi Bible22 اهو سامان بابل ڏانهن کڄي ويندو ۽ ان ڏينهن تائين اتي رهندو جيستائين آءٌ پاڻ اهو موٽائي آڻڻ جو فيصلو نہ ڪريان. تڏهن آءٌ اهو اتان موٽائي آڻي يروشلم ۾ سندس جاءِ تي رکائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ Faic an caibideilSindhi Bible22 اُهي بابل ڏي کڄي ويندا ۽ اُهي انهي ڏينهن تائين اُتي رهندا، جنهن ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي خبر لهندس، پوءِ آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس ۽ هن هنڌ رکندس. Faic an caibideil |
اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.