Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر جيڪڏهن هو سچ پچ نبي آهن ۽ وٽن مون خداوند جو فرمان آهي، تہ پوءِ اهڙيون اڳڪٿيون ڪرڻ بدران کين مون قادرِمطلق خداوند وٽ اهو عرض ڪرڻ گھرجي تہ جيڪو سامان منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم ۾ باقي بچيل آهي سو بابل ڏانهن نہ کڄي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 پر جي هو نبي آهن، ۽ خداوند جو ڪلام وٽن آهي تہ تڏهن هاڻي لشڪرن جي خداوند وٽ شفاعت ڪن، تہ جيڪي ٿانوَ خداوند جي گهر ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾، ۽ يروشلم ۾ بچيل آهن، سي بابل ڏي نہ وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:18
18 Iomraidhean Croise  

ابراهيم جي زال سارہ سان جيڪي وهيو واپريو تنهن سبب خداوند ابيملڪ جي محلات جي عورتن جو ٻار ڄڻڻ بند ڪري ڇڏيو هو. سو ابراهيم ابيملڪ جي لاءِ دعا گھري ۽ خدا ابيملڪ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. خدا هن جي زال ۽ سندس ٻانهين کي بہ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ پوءِ هنن کي ٻار ڄاوا.


پوءِ اهي پنهنجي معبود جو نالو وٺي انهيءَ کي سڏين ۽ آءٌ پنهنجي معبود خداوند جو نالو وٺي انهيءَ کي سڏيندس. پوءِ جنهن جي معبود باهہ لڳائي ورندي ڏني، سو ئي حقيقي معبود آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن چيو تہ ”تون جيڪي چوين ٿو سو ٺيڪ آهي.“


تڏهن هنن هڪڙو ڍڳو ورتو ۽ انهيءَ کي تيار ڪيائون. پوءِ هنن صبح کان وٺي منجھند تائين پئي بعل ديوتا کي سڏيو ۽ رڙيون ڪري پئي چيائون تہ ”اي بعل! اسان کي سڏ ڏي.“ پر ڪوبہ جواب، ڪابہ ورندي ڪانہ آئي. جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهي هئائون تنهن جي چوڌاري هو نچندا پئي رهيا.


تڏهن حزقياہ بادشاهہ ۽ آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ خدا کان دعا گھريندي مدد لاءِ پڪاريو.


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.


مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.


خداوند فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم لاءِ دعا نہ گھر، نڪي انهن جي لاءِ آواز اٿار ۽ نہ عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي سفارش ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.


پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح، دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


مون انهن منجھہ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي گھڻي ڳولا ڪئي، جيڪو ڪوٽ جي مرمت ڪري يعني اهو کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار ڪري يا وري ڀڳل ٽٽل ڀت تي کڻي بيهي يعني اهو مون خداوند آڏو پڪاري تہ جيئن منهنجي قوم منهنجي ايندڙ غضب کان محفوظ رهي سگھي ۽ برباد نہ ٿئي، پر مون کي منجھن اهڙو ڪوبہ نہ مليو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اي ڪاهنؤ! اوهين جيڪڏهن اهڙيءَ طرح مون خدا کان مهرباني گھرندا رهندا تہ ڇا آءٌ اوهان تي رحم ڪندس ۽ اوهان جي هٿن جي اهڙين قربانين سان ڇا آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس؟


سو سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ ”تون اسان پنهنجي ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گھُر، تہ اسين مري نہ وڃون، ڇاڪاڻ تہ اسان پنهنجن سمورن گناهن مٿان هيءَ بڇڙائي بہ وڌائي ڇڏي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُريو اٿئون.“


باقي رهيس آءٌ، سو خدا شل ائين نہ ڪري جو اوهان جي حق ۾ دعا گھُرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گنهگار ٿيان، بلڪ آءٌ اوهان کي چڱي ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


هنن سموئيل کي چيو تہ ”تون خداوند اسان جي خدا کي اسان جي لاءِ ٻاڏائيندو رهہ، تہ جيئن هو اسان کي فلستين جي هٿن کان بچائي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan