Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اوهين انهن ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، بلڪ بابل جي بادشاهہ جي تابعداري ڪريو تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڀلا ڇو هي شهر مٽيءَ جو ڍير ٿي وڃي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 انهن جي نہ ٻڌو؛ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو تہ جيئرا رهو: ڇو هي شهر ويران ٿئي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:17
5 Iomraidhean Croise  

تڏهن مون صدقياہ کي چيو تہ ”قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ مڃيندين تہ پوءِ تو کي جيئدان ملندو ۽ تون ۽ تنهنجو خاندان جيئرا رهندءُ. تڏهن هن شهر کي بہ نہ ساڙيو ويندو.


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


جنهن بابل جي بادشاهہ کان اوهين ڊڄو ٿا تنهن کان هاڻ نہ ڊڄو. ان کان ڪوبہ خوف نہ ڪريو، ڇو تہ آءٌ خداوند اوهان سان گڏ آهيان. آءٌ اوهان کي بچائيندس ۽ هن جي هٿان ڇڏائيندس.


اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan