Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:15 - Muslim Sindhi Bible

15 خداوند پاڻ فرمائي ٿو تہ ’مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي. هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين انهن تي يقين ڪندا تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهين انهن نبي سڏائيندڙن سان گڏ ناس ٿي ويندا، جيڪي اوهان کي اڳڪٿيون ڪري ٻڌائين ٿا.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي پر اهي ڪوڙ ڪري منهنجي نالي نبوت ٿا ڪن؛ انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان، ۽ اوهين ۽ اُهي نبي بہ، جي اوهان وٽ نبوت ٿا ڪن، چٽ ٿي وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:15
27 Iomraidhean Croise  

جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


تڏهن خداوند مون کي وراڻي ڏني تہ ”اهي نبي سڏائيندڙ منهنجي نالي تي ڪوڙو پيغام ڏين ٿا. مون انهن کي نڪي موڪليو آهي، نڪي کين ڪو حڪم ڏنو اٿم ۽ نہ وري مون ساڻن ڳالهايو ئي آهي. اهي ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون، ڪوڙيون فالون ۽ پنهنجيون ٺڳيءَ سان ٺاهيل ڳالهيون ٿا ٻڌائين.


هاڻ اي فشحور! تون بہ بابل ڏانهن قيد ڪري نيو ويندين. تون اتي مرندين ۽ اتي ئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجو گھراڻو بلڪ تنهنجا اهي سڀيئي دوست بہ جن جي اڳيان تو منهنجي نالي سان ڪوڙا پيغام ٻڌايا آهن.“


تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي باري ۾ چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي وسيلي سڄي ملڪ ۾ بدڪاري پکڙجي ويئي آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون انهن نبي سڏائيندڙن کي نہ موڪليو آهي، بلڪ مون تہ ساڻن ڳالهايو ئي ناهي، تہ بہ هو پنهنجن ذاتي پيغامن کي منهنجي نالي سان ڊوڙيو پيا پهچائين.


منهنجي نالي ۾ هو جيڪو ڪوڙو پيغام ڏين ٿا سو مون ٻڌو آهي. هنن مان هر ڪو چوي ٿو تہ ’مون کي خواب ۾ خدا جو پيغام مليو آهي! مون کي رويا ملي آهي!‘


اهي اڳڪٿيون بلڪل ئي ڪوڙيون آهن، جن تي يقين ڪرڻ سان اوهين پنهنجن ملڪن مان پري ڌڪجي هليا ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍندس ۽ اوهين ناس ٿي ويندا.


آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ ڪري ائين چوان ٿو تہ جيئن اوهين پاڻ منجھہ رهندڙ نبي سڏائيندڙن ۽ غيب دانن کان نہ ٺڳجو. جلدي وطن واپس موٽڻ وارين سندن اڳڪٿين ۽ خوابن کي اوهين قبول نہ ڪجو.


هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪن ٿا، جڏهن تہ مون انهن کي ڪين موڪليو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.‘


جيڪي عورتون تو يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ بچيل آهن سي سڀ بابل جي بادشاهہ جي سالارن جي حوالي ڪيون وينديون. انهيءَ وقت اهي عورتون تو تي ٺٺوليون ڪري چونديون وينديون تہ ’تنهنجي خيرخواهن کان تو کي دوکو مليو، هو تو تي غلبو حاصل ڪري وٺندا هئا. سو هاڻي جڏهن تنهنجا پير گپ ۾ گپجي ويا آهن، تڏهن اهي تو کي ڇڏي ڀڄي ويا آهن.‘


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan